English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ گهارو واسي ڳوٺاڻي جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج
views
|
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
جعفر ڳوٺ ۾ 8 ايڪڙ زمين 30سالن لاءِ ليز تي ورتي هئي: محمد ايوب خانيو
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)گھارو شھر جي خانيو محلي جي رھواسي محمد ايوب خانيو عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ منھنجي ذاتي زمين، جيڪا گھارو شھر ۾ پمپ ھائوس ڪالوني لڳ جعفر ڳوٺ ۾ 8 ايڪڙن تي مشتمل آھي، جيڪا مون 30 سالن جي ليز تي حاصل ڪئي آھي، جنھن جا اصل قانوني دستاويز بہ موجود آھن. ھن الزام ھڻندي چيو تہ ڪجھ مهينا اڳ گھارو جي بااثر لينڊ گريبر عالم شير ھديو غيرقانوني طور منھنجي زمين تي زوري زبردستي قبضو ڪري اتي غيرقانوني پلاٽنگ شروع ڪري ڇڏي آھي، جيڪو عمل مون سان وڏي ناانصافي آھي. محمد ايوب خانيو جو چوڻ ھو تہ آئون غريب آھيان ۽ بلڊر مافيا طاقت جي زور تي نه صرف زمين تي قبضو ڪيو آھي، پر منھنجو اڏيل گھر به ڊاھي ڇڏيو آھي، جيڪو مونسان سراسر ظلم ۽ انساني حقن جي پڻ سنگين ڀڃڪڙي آھي. ھن ڊي سي ٺٽو، اسسٽنٽ ڪمشنر ساڪرو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان پرزور مطالبو ڪيو تہ فوري نوٽيس وٺي عالم شير ھديو جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرائي، غيرقانوني طور ٿيندڙ پلاٽنگ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. ايوب خانيو عوام کي پڻ خبردار ڪندي چيو تہ ھي زمين منھنجي ذاتي ملڪيت آھي، ان ڪري جيڪڏھن ڪنھن فرد ڪو پلاٽ ورتو تہ اھو مڪمل طور غيرقانوني ھوندو، جنھن جي قانوني ذميواري خريد ڪندڙ تي پوندي. هن چيو ته عوام سازشن کان بچي ۽ غيرقانوني پلاٽنگ جو حصو نه بڻجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
گهارو
0 تبصرے