English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نادر ڏيرو فل فراءِ
36 views
|
24th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري پوليس طرفان ڏوھارين سان مبينا مقابلو، مقابلي دوران زخمي حالت ۾ ھڪ جوابدار نادر ڏيرو گرفتار ڪرڻ جي دعوا، پوليس طرفان زخمي کي اسپتال منتقل ڪرڻ بعد مبينا زخمي جوابدار زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ڏوڪري پوليس طرفان نادر ڏيرو مٿان 35 کان وڌيڪ ڪيس داخل ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. مليل معلومات موجب ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد ٽالپر ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري دلي جان مگسي جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پوليس طرفان محرابپور روڊ تي ڏوھارين سان مبينا پوليس مقابلي ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل جوابدار نادر ڏيرو مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي. ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد ٽالپر موجب محرابپور روڊ تي گشت دوران ڏوھارين سان مقابلي ٿيو، مقابلي دوران نادر ڏيرو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنھن کي تعلقه اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو ويو، جتي ھو فوت ٿي ويو. ڊي ايس پي ڏوڪري امداد ٽالپر موجب نادر ڏيرو مٿان اغوا، ڦر، ڌاڙن، چورين ء اقدام قتل جا 35 ڪيس داخل ٿيل ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
0 تبصرے