English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
291 views
|
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون جي آفيس لڳ رزاق آباد جو غريب آباد پاڙو بنيادي سهولتن کان محروم ٿي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي لڳاتار عوامي احتجاجن باوجود ٽائون انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي علائقي ۾ هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳل آهن، جڏهن ته سيوريج نالن جي بندش سبب گندو پاڻي گهٽين ۽ رستن تي بيٺل آهي، جنهن ڪري سخت بدبو پکڙجي چڪي آهي ۽ سڄو علائقو مختلف بيمارين جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي۔ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گندگي ۽ سيوريج سبب ٻارن، بزرگن ۽ عورتن ۾ چمڙي، ساھ ۽ معدي جون بيماريون تيزي سان وڌي رهيون آهن۔ان حوالي سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ شيراز سولنگي، سماجي اڳواڻ صدام ڪلمتي، جيئي سنڌ محاذ ملير جي صدر فيض هيسباڻي، اقبال ڪلمتي سميت ٻين اڳواڻن سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي انتهائي افسوسناڪ عمل آهي جو ٽائون انتظاميا ۽ لاڳاپيل ذميوار مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهن ۽ عوامي شڪايتن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ هنن چيو ته هو هن غفلت، لاپرواهي ۽ نااهلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا۔محلي واسين مطالبو ڪيو آهي ته صفائي جو نظام فوري طور بحال ڪيو وڃي، سيوريج لائينن جي صفائي ۽ مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي ۽ ذميوار آفيسرن کي جوابده بڻايو وڃي۔ هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقرر وقت اندر ڪا به ٺوس ۽ عملي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي ته پارٽي عوام سان گڏ ڀرپور ۽ پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿيندي، جنهن جي سموري ذميواري ٽائون انتظاميا تي عائد ٿيندي۔هنن وڌيڪ چيو ته هي رڳو شڪايت نه پر عوام جو بنيادي حق آهي، ۽ پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ هر شعور رکندڙ شهري جو فرض آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی بھکاریوں کے لیے پرکشش شہر بن گیا ہے: پولیس چیف
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي مذمت
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف نوجوانن پاران ريلي ڪڍي احتجاج
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن واسڻ ناري جو معصوم ڌيءَ سميت ڏيرن خلاف احتجاجي مظاھرو
03rd Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ابراهيم حيدري ٽائون جي آفيس
0 تبصرے