English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ جي ڏهيسر ممتاز علي ڀٽو جي چوٿين ورسي ملهائي وئي، کيس ڀيٽا پيش
views
|
18th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ورسي تقريب ۾ دانشورن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن توڙي اديبن پاران ممتاز علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي وحدت، ٻولي، ثقافت ۽ خودمختياري واري جدوجهد جي ڏهيسر ڪردار ممتاز علي ڀٽو جي چوٿين ورسي ملير ۾ عقيدت سان ملهائي ويئي دانشورن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ اديبن پاران ڀيٽا پيش ، وڏي انگ ۾ شرڪت، تفصيل موجب سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، ڪنفڊريشن جي باني اڳواڻ ۽ ناليواري سياسي شخصيت ڏهيسر سنڌ ممتاز علي ڀٽو جي چوٿين ورسي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ سندس ساٿين ۽ چاهيندڙن پاران وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ،اديبن، دانشورن ۽ صحافين سينئر صحافي يونس مهر، انڊيجينئس رائٽس الائينس صدر خدادنو شاھ ،يوسف شاھ، غلام مصطفيٰ هاشماڻي، ايڊووڪيٽ اشرف سمون جئي سنڌ محاذ امداد چاچڙ ، لطيف رالواڻي, سگا اڳواڻ شعيب بڪڪ، اديب ۽ دانشور خليل چانڊيو، اصغر باغي، حمزو پنهور ، غلام نبي مگسي، ظهير حيدري،منظور ابڙو، ڪهاڻيڪار ۽ پبليشر حميد منگي سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ممتاز علي ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتی دور ۾ سياست ۾ قدم رکيو هو 19971 ۾ 38 سالن جي ڄمار ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ بڻيو جيڪو ان وقت تائين سڀ کان ننڍي عمر وارو وزيراعليٰ هجڻ جو اعزاز هو نه رڳو ايترو پر هو مختلف وقتن تي وفاقي ڪابينا ۾ پڻ شامل رهيو ۽ 1972 ۾ مختصر وقت لاءِ سنڌ جو گورنر پڻ رهيو سندس وڏو ڪارنامو سنڌي ماڻهن کي ڳوٺن مان ڪراچي ۾ آڻي آباد ڪيو هنن چيو ته ممتاز ڀٽو جو جڏهن پيپلز پارٽي جي پاليسين کان اختلاف ٿيو ته هن سندھ نيشل فرنٽ (ايس اين ايف) جو بنياد رکيو سندس سياست جو بنياد قومي حقن، وفاق اندر برابري، ۽ سنڌ جي خودمختياري تي تي ٻڌل هو هن سنڌ جي حقن لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي هو اصولن پسند، بهادر، بيباڪ ۽ سنڌ دوست هو ممتاز علي ڀٽو هميشه اقتدار کان وڌيڪ عوامي مفاد کي ترجيح ڏني هن سنڌ جي وحدت، ٻولي، ثقافت ۽ خودمختياري لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيو اُهي اڄ به تاريخ جو اهڃاڻ آهن هنن چيو ته سنڌ دشمنن خلاف سندس دليرانه موقف کيس "دبنگ" ۽ "ڏهيسر " جهڙن لقبن سان مشهور ڪيو هنن ممتاز ڀٽو جي سياسي، علمي ۽ فڪري خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي وڌيڪ چيو ته ممتاز ڀٽو علم، بصيرت ۽ عزم جو اهڃاڻ پڻ هو جنهن هميشه قومي مفادن لاءِ جرئت سان آوازاٿاريوتقريب ۾ سندس مغفرت لاءِ دعا گهري وئي ۽ شرڪت ڪندڙن اهو عزم ورجايو ته ممتاز علي ڀٽو جي فڪر، اصولن ۽ جدوجهد کي زنده رکيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
سنڌ جي ڏهيسر
ممتاز علي ڀٽو
0 تبصرے