English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اچو ته سنڌ ۾ ٻوٽا پوکيون ۽ وڻ بڻايون..!!
views
|
16th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عبدالفتاح عباسي
اسان وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهڻ، پنهنجي گاڏين کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا پر پنهنجي علائقن ۾ ٻوٽا وڻ پوکڻ لاءِ ڪا به رٿابندي صحيح طرح نٿا ڪريون. جڏهن ته اترين علائقن ۾ وڻڪاري مهم تي خاص ڌيان ۽ خصوصي توجهه ڏنل آهي تنهن ڪري اتان جي آبهوا به بهترين ۽ گرميءَ کان نجات مليل آهي، سعودي عرب ۾ وڻ ڪٽڻ جي سزا سخت ترين آهي. وڻ انساني صحت جو ضامن آهي، وڻ آلودگي مان نجات جو واحد ذريعو آهي، وڻڪاري مهم اسان وٽ رڳو فوٽو سيشن تائين ڪئي ويندي آهي پر دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ باقاعده پابندي سان وڻ ٻوٽا پوکڻ پري پلاننگ ڪئي ويندي آهي تنهنڪري اهي ملڪ سر سبز شاداب سونهن خوبصورتي سان ڀريل هوندا آهن، ھيٽ اسٽروڪ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، گرميءَ جي شدت جلد برو اثر ڇڏي ٿي، ڪمزور ضعيف العمر ماڻهو گرميءَ جي سٽ کان محفوظ رهڻ لاءِ گهڻي پيهه رش کان پاسو ڪن، جون جولاء جي گرم ترين ڏهاڙن ۾ جتي سج سوا نيزي تي بيٺل هجي اهڙي صورتحال ۾ واپڊا انتظاميا هروڀرو جي غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ ۽ بار بار هر دفعي جهٽڪا ڏيئي بجليءَ کي بند ڪري بجليءَ جي صارفين سان مذاق ڪرڻ جو عمل رهي ٿو . گرميءَ ۾ سنڌ جي عوام کي ڄڻ ته گهرن تائين محدود ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اها ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته هن ڪاڙهي جهڙي شدت واري جهولن جي گرميءَ ۾ هروڀرو گهر کان ٻاهر نه نڪرجي، پاڻيءَ جو واهپو وڌ کان وڌ ڪريو، ٿڌيون شيون مشروبات، هنداڻو، سبزيون کائو، گرم شين مڇي، گوشت، مرغي ۽ اهڙين ٻين شين کان پرهيز ڪريو. گرم هوائون ۾ جهولا لڳي رهيا آهن تنهن ڪري ضروري ڪم ڪار سان ٻاهر وڃجي نه ته ٻاهر نڪرڻ کان پاڻ کي بچايو وڃي. نٽهڻ اس سخت گرميءَ سبب ٻارڙا بيمار، الٽين، دستن وغيره تڪليف م مبتلا ٿي سگهن ٿا. ﷲ پاڪ کان دعا گهرو ته مالڪ مهربان پنهنجو ڪرم ڪري ۽ مناسب ڏينهن اچن، ﷲ پاڪ سنڌ پاڪستان تي رحم ڪرم پنهنجو فضل فرمائي آمين ثم آمين. اسان کي گهرجي ته جانورن پکين جي پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست ڪيون. ٻيو ته اسلامي نقطه نظر کان ۽ برزگان دين جي تعليمات ۾ اها شيءِ واضع ۽ کليل لفظن ۾ آيل آهي ته جيڪي توهان وڻ ٻوٽا لڳايو ٿا اهي نه صرف گاڏين جي دونهين کي ختم ڪرڻ لاءِ فائدي مند آهن پر گڏوگڏ ئي اهي انساني نشو نما ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهن. وڻ پوکڻ سان اسانجي پوري معاشري تي بهتر کان بهتر نتيجا ملندا رهن ٿا اها اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي ته هن وڻڪاري مهم ۾ اسان پنهنجو پاڻ دوستن احبابن سنگت کي انهي سلسلي ۾ ڪوٽ ڏيندي اها ڳالهه واضع ڪندا هلون ته اسان وڻ ۽ وڻڪاري مهم ۾ صرف رسمي فارملٽي طور سرڪاري انگ اکر پڌرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. زراعت کاتو ڪهڙي وڻڪاري مهم ڪندو آهي اها سڀني کي معلومات آهي انهي لاءِ اسان مان هرهڪ فرد مرد توڙي عورت ، پٽ توڙي ڌيءَ، اسڪول توڙي ڪاليج ۽ يونيورسٽي کان ويندي هرهڪ سرڪاري ۽ نجي پرائيويٽ آفيسن ادارن ۾ جيڪڏهن سچائيءَ سان هر سال گرميءَ جي موسم ۾ وڻ پوکڻ جي مهم کي سنڌ جي ٽوپي اجرڪ ثقافتي ڏهاڙي جيان ذميواريءَ سان نڀائڻ جو وچن ڪندي اسان سڀ ڀرپور حصو وٺون ته جيڪر سنڌ جي ساوڪ ۽ سرسبزگي جو اظهار ڪرڻ لڳي. اسان ڏسون ٿا ته اسلام آباد، لاهور ، ڪوهه مري ، ايوبيه ، ڪالام ، ناران ، بحرين، سوات، مانسهره، بالا ڪوٽ، اسڪردو سميت ٻين اترن علائقن ۾ آبهوا ڇاڪاڻ خوشگوار ۽ سر سبز ۽ ساوڪ سان ڀرپور ۽ ٽمٽار بڻيل آهي ؟. انهي ڪري جو اتان جا ماڻهو پنهنجن علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائڻ کي هڪ وڏي عبادت سمجهندا آهن ۽ وڻ جي خاتمي ۽ ڪٽڻ کي برو عمل نه پر پنهنجو ازلي دشمن سمجهندا آهن ۽ وڻن جي ڪٽوتي واري سبب جي ڪري اترين علائقن ۾ خوني جهيڙا پڻ ٿيندا رهيا آهن جنهن جا ميڊيا ۾ واقعا ايندا رهندا آهن. مقصد ته اهي وڻ جي آبياريءَ کي پنهنجي عظيم مشغوليت ۽ عبادت سمجهن ٿا ۽ انهي جي خاتمي کي انتهائي خراب ۽ گهٽيا حرڪت تصور ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان به پنهنجي ڌرتي سنڌ ڌرتي جي سونهن ۽ خوبصورتي ۾ اضافو ۽ واڌارو چاهيون ٿا ته پوءِ اسان مان هرهڪ کي به پنهنجي گهرن، پنهنجن شهرن، پنهنجن دفترن آفيسن، پنهنجن پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن،ڪمپيوٽر سينٽرن،سمورن بئنڪن ، واپڊا ، صحت کاتي ، انشورنس ڪمپنين، هوٽلنگ اسپاٽ، روڊن رستن باءِ پاس سميت هرهڪ جڳهه تي هن وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ گهرجي .انهي سلسلي ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن پروفيسرز کي کپي ته اهي پنهنجن پنهنجن تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ وڻ لڳائڻ جي اهميت ۽ افاديت سمجهائين ته انهن جي هڪ وڻ جي لڳائڻ جا ڪيترا فائدا آهن ۽ وڻ اسانجي ماحول ۾ ڇاڪاڻ لازمي ۽ ضروري آهن. دنيا هن وڌندڙ گاڏين جي شور شرابي کان تنگ ٿي چڪي آهي ۽ اسان مان اڪثر ماڻهو گاڏين جي رش ۽ دونهين جي نقصانن سبب بيمارين جي بستري تي پهچي چڪا آهن ۽ وڌندڙ آلودگيءَ سبب گندلاڻ پيدا ٿي رهي آهي. انهي سڄي بدبودار ماحول مان نڪرڻ جو واحد حل پنهنجن گهرن ، شهرن ۽ علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳايا وڃن جيئن پوري ماحول تي بهتر اثر پئجي سگهي ۽ اسان وٽان وڌندڙ بيمارين جو خاتمو اچي سگهي. انهي لاءِ مسجد جا خطيب صاحب به پنهنجي واعظ نصيحت ۾ جمعي جي خطابات ۾ بيان ڪندي وڻ جي لڳائڻ تي زور ڀريندي هن انساني ڀلائيءَ جي پيغام کي اڳتي بهتر انداز ۾ وڌائي سگهن ٿا.اسان مان هرهڪ جيسيتائين ذميدارنه انداز ۾ هن وڻن جي لڳائڻ واري مهم ۾ حصو نٿو وٺي ته پوءِ هيءُ عبادت ڪرڻ وارو عمل اڌورو ۽ نامڪمل رهجي سگهي ٿو. اسان ڪنهن مير، نواب، رئيس ۽ ڀوتار ڪنهن سرڪاري ڪاموري جي انتظار بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ ۾ وڻ پوکي هڪ اهڙي نيڪي ۽ ڀلائي حاصل ڪري سگهون ٿا جنهن جو ڪو متبادل ئي نٿو ٿي سگهي. وڻ ۽ انهيءَ جي پنن جي ٿيندڙ عبادت سان اسان جا شهر علائقا مستفيض ٿيندا ۽ پوري علائقن ۾ آلودگيءَ جي لعنت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، انهي سلسلي ۾ تبليغ قرآن و سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي جي امير حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي پنهنجي دعوت اسلاميءَ جي مرڪزي شوراٰ جي نگران حاجي محمد عمران عطاري سميت ٻين سان خود وڻ پوکڻ جي شروعات ڪندي هرهڪ دعوت اسلامي جي مبلغ، مدرس، معلمين سميت عقيدتمندن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو وڻ پوکڻ جي مهم ۾ منهنجو ساٿ ڏين ۽ دعوت اسلامي هڪ ڪروڙ وڻ لڳائڻ جي لاءِ ڪوشان رهندي. جنهن کانپوءِ ملڪ جي هرهڪ صوبي شهر جي مدني مرڪز فيضان مدينه ۾ وڻ لڳائڻ جو تيزيءَ سان سلسلو شروع ٿي ويو آهي.انهي لاءِ اسان کي پنهنجي ڪاوشن ۽ ڪوششين ۾ مخلصانه نيڪ نيتي ۽ اخلاص جي ضرورت لاءِ وڌ ۾ وڌ وڻ لڳائيڻ لاءِ ٻين جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي ته فلاڻو خان وڻ لڳائي ۽ افتتاح ڪري ته پوءِ مان به رسمي انداز مان به وزيرن ۽ ڪامورن جيان فوٽو سيشن ڪڍرائي وڻن جي مالڪي کان لاتعلق بڻجي وڃون اها رسم ادا نه ڪئي وڃي بلڪ هن حقيقي وڻن جي پوکڻ واري پيغام ۾ هڪ هڪ پنهنجي علائقن ۽ شهرن ۾ خوبصورتي ۽ سونهن جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها اسان سڀني جي اهم ذميواري آهي ته هن معاشري ۾ بهتر کان بهتر انساني خدمت ڪندي وڻن کي پوکيءَ ۾ پاڻ اڳتي اچون ته جيڪي آلودگيءَ جي وباءَ مان به هميشه جي لاءِ نجات حاصل ڪري سگهون ٿا. وڻ لڳائڻ حقيقي معنيءَ ۾ اسان پنهنجي ماحول کي هڪ بهتر روايت ڏانهن وٺي وڃڻ جي پيش رفت ڪريون ٿا ۽ اها اسانجي خاندان، عزيزن ، مٽن مائٽن، دوستن ، احبابن ۽ پوري شهر ۽ علائقن لاءِ هڪ خوشگوار اميد پڻ آهي. خاص ڪري هرهڪ ضلع جا ڊپٽي ڪمشنر صاحب پنهنجن ڪوششين سان ضلع جي اهم مکيه روڊن رستن باءِ پاس جي لنگهه وٽان وڻ لڳائڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪرڻ جي پهريان شروعات ڪري پوءِ سڀني سرڪاري کاتن ڊپارٽمينٽس کي پابند ڪيو وڃي ته هن عبادت ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺي آلودگي ۽ گرمي مان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. اسان به پنهنجن گهرن، اوطاقن، پاڙن، محلن سميت هرجاءِ تي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي هڪ نيڪي ڪمائي سگهون ٿا ۽ اهڙي عبادت ۾ ڪو به پوئتي نه رهڻ گهرجي. نه ته سائنسدانن موجب ايندڙ 10 سالن ۾ اڃان وڌيڪ 54 سينٽي گريڊ گرمي پد اچڻ سان انساني جانين سان گڏ چوپائي مال جانورن جو پڻ وڌو نقصان ٿيڻ لڳندو. ننڍڙي ڪوشش سان گهر جي ڇت، ڪنهن ڀت تي پاٽڙي يا ڪنهن به ٿانون ۾ پاڻي رکيو وڃي جيئن پکي پکيئڙا پاڻي پي سگهن ۽ اهڙي ڪانو جي اک نڪرندڙ گرميءَ کان ڪجهه پکي بچي سگهن. شديد گرمي کان ٻچاء جو واحد حل ٻوٽا لڳايو وڻ بڻايو عملي طور مهم شروع ڪئي وڃي. هن وقت مئي مهيني ۾ ڏسون ٿا ته پوري سنڌ ۾ گرميءَ جي ڪيڏي شدت درجه حرارت 50 کان وڌيڪ آهي، هر طرف سنسان روڊ رستا ويران گهٽيون محله پاڙا ڄڻ ته گرميءَ جي درجه حرارت اهڙو راڪاس گهمائي ڇڏيو هجي جو هر پاسي خاموشي ۽ سانت ڇانيل آهي بدقسمتي سان پنهنجي صوبي سنڌ ۾ وڻ ٻوٽا جيڪي هيا سي ڪٽي سٽي پڌري پٽ ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه سال اڳ به سنڌ جي مکيه روڊن رستن جي ٻنهي پاسن کان گهاٽا وڻن جا خوبصورت منظر ڏسندا رهياسين پر هاڻي ته پنهنجي سنڌ جي اڪثر باغ باغيچن ۾ وڻن جي ڪٽوتي جاري ڪئي ويئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي شهرن ۾ لوڊشيڊنگ جي لعنت ويهه ويهه ڪلاڪ آهي ۽ گرمي پد 50 کان وڌيڪ عوام کي بي حال ڪري ڇڏي ته اهڙي گرمي مان نجات جو واحد حل وڻڪاري لڳائڻ سان گرميءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ اسان سڀني کي ٻوٽا لڳائي وڻ ڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي جيئن آلودگي جي خاتمي سان گڏ گرميءَ جي شدت کان محفوظ رهي سگهون نه ته قهر جهڙي لڳ ڪانڊاريندڙ گرميءَ سڄي سنڌ جي عوام کي ڄڻ ته گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڏاهي تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته هن وقت سرڪاري نوڪري وٺندڙ هرهڪ ايمپلائيز ملازم کي پابند ڪيو وڃي ته هو نوڪري ملڻ سان ڪيترا ٻوٽا وڻ لڳائڻ جي عملي ڪوشش ڪندو. اهڙي طرح وڏي تعداد ۾ نون ٻوٽن لڳائڻ جي مهم هلائي سگهجي ٿي ۽ پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي سونهن خوبصورتيءَ کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ پليو مستوئي واسي ٻن نوجوانن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
حڪمران سنڌ کي ڇولن جيان کپائي رهيا آهن: اياز لطيف پليجو
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري: ايس ڊي او سيپڪو محمد ودود بدلي، سندس جي جاءِ تي اختيار سوهو مقرر
25th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٻوٽا پوکيون ۽ وڻ بڻايون
عبدالفتاح عباسي
وڻ جي ڇانوَ
وڻڪاري
0 تبصرے