منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

ڪراچي پريس ڪلب جون سالياني چونڊون، ڊيموڪريٽس پينل پاران اميدوارن جو اعلان

سنڌي خبرون 23rd Dec 2024 305 مناظر
ڪراچي پريس ڪلب جون سالياني چونڊون، ڊيموڪريٽس پينل پاران اميدوارن جو اعلان

صدر جي عھدي لاءِ فاضل جميلي، نائب صدر نائب صدر ارشاد کوکر، سيڪريٽري لاءِ سھيل افضل نامزد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جون ساليانيون چونڊون، دي ڊيموڪريٽس پينل پاران اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو، صدر جي عھدي جي لاءِ سينيئر صحافي فاضل جميلي، نائب صدر جي لاءِ ارشاد کوکر، سيڪريٽري جي عھدي جي لاءِ سھيل افضل، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، خزانچي جي عھدي لاءِ عمران ايوب اميدوار ھوندا، جڏھن تھ گورننگ باڊي جي اميدوارن ۾ عبدالحفيظ بلوچ، حماد حسين، ڪفيل احمد، مونا صديقي، منظور حسين، محمد فاروق ۽ محمد ياسر شامل آھن. ڪراچي پريس ڪلب جون چونڊون 28 ڊسمبر تي پريس ڪلب ۾ ٿينديون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ