بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

گھگھر ڦاٽڪ پورٽ قاسم جي متاثرن جو نجي ڪمپني آڏو احتجاجي مظاهرو

سنڌي خبرون 07th Jul 2026 164 مناظر
گھگھر ڦاٽڪ پورٽ قاسم جي متاثرن جو نجي ڪمپني آڏو احتجاجي مظاهرو

پورٽ قاسم جي متاثرن کي سندن جائز حق ڏئي کين فوري طور روزگار فراهم ڪيو وڃي: اڳواڻ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي گھگھر ڦاٽڪ ۾ پورٽ قاسم جي متاثرن يو سي گھگھر جي چيئرمين حاجي اڪبر ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ نجي ڪمپني جي مرڪزي گيٽ آڏو پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ۾ متاثرن، مقامي نوجوانن علائقي جي معززن ۽ برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي حاجي ڪلمتي، صيفل ملوڪ ڪلمتي، علي احمد ڪلمتي، نصرالله ڪلمتي ۽ ٻين اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پورٽ قاسم جي متاثرن کي سندن جائز حق ڏئي کين فوري طور روزگار فراهم ڪيو وڃي مقررن چيو ته مقامي آبادي ملڪ جي صنعتي ترقي لاءِ پنهنجون زمينون، وسيلا ۽ روزگار جا ذريعا قربان ڪيا، پر افسوس جو اڄ تائين مقامي نوجوانن کي نوڪرين کان محروم رکيو ويو آهي، جڏهن ته صنعتي ادارن ۾ ٻاهرين ماڻهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، جيڪا متاثرن سان سراسر ناانصافي آهي يو سي گھگھر جي چيئرمين حاجي اڪبر ڪلمتي چيو ته پورٽ قاسم جي متاثرن کي روزگار فراهم ڪرڻ سندن قانوني ۽ اخلاقي حق آهي، جنهن کان کين وڌيڪ محروم نٿو رکي سگهجي. هن مطالبو ڪيو ته نجي ڪمپني سميت علائقي جي سمورن صنعتي ادارن ۾ مقامي نوجوانن کي ڀرتين دوران پهرين ترجيح ڏني وڃي مظاهرين حڪومت، لاڳاپيل ادارن ۽ ڪمپني انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته پورٽ قاسم جي متاثرن کي ترت روزگار فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل ادارن ۽ ڪمپني انتظاميا تي عائد ٿيندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ