جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

وصيت ۾ التجا: هڪ بيمار ۽ مجبور انسان جي دردناڪ ڪهاڻي

آرٽيڪلز/ کالمز 02nd Nov 2024 94 مناظر
وصيت ۾ التجا: هڪ بيمار ۽ مجبور انسان جي دردناڪ ڪهاڻي

درياخان

سنڌ جي امير شھر ڪراچي جي غريب علائقي ملير ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۾ پيش آيو، هڪ بيمار ۽ بيروزگار انسان جو ڪالهه لاڏاڻو ٿي ويو. هي شخص زندگي جي سختين سان وڙهندو رهيو، سندس حالتون انتهائي خراب هيون، ۽ کيس پنهنجي پوئيرن ۾ ٽي ننڍڙا معصوم ٻارڙا ڇڏيا. زندگي جي آخري ڏينهن تائين، هن ۽ سندس زال پنهنجن ڀائرن ۽ ويجھن مائٽن کان مالي مدد جي آسري ۾ رهيا. هن پنهنجن مائٽن کي يقين ڏياريو ته هو بيماري مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ سڀئي قرض لاهي ڇڏيندو، پر ڪنهن به هن جي مدد لاءِ هٿ نه وڌايو. آخري آس ۾، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ تائين هڪ عام دوست جي ذريعي بيماري ۽ مجبوري جو پيغام پهچايو پر افسوس سان، سندس ڀاءُ ان دوست کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن زندگي جي هر دروازي تي مايوسي ۽ بي وسي ملي ۽ موت جي ويجهائي جو احساس ٿيو، تڏهن هن پنهنجي زال کي هڪ درد ڀري وصيت ڪئي ۽ هن چيو، "منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪنهن کان به ڪفن لاءِ پئسا نه گهرجانءِ. مون کي انهن ئي ڪپڙن ۾ دفن ڪر، جيڪي مون اڳ ئي پائيندو هئس. آئون نه ٿو چاهيان ته مون کي انهن ماڻهن جي پئسن سان ڪفن ڏنو وڃي، جن منهنجي جيئري ڪا مدد نه ڪئي." سندس موت کانپوءِ، سندس مائٽن ۾ ڪفن ۽ دفن جي خرچن تي تڪرار شروع ٿي ويو. پر سندس وفادار زال هن جي آخري وصيت کي ياد رکندي، سندس پراڻو اڇو سوٽ ڪڍيو ۽ پنهنجي پيار ۽ وفا سان مڙس کي غسل ڏنو، ان پراڻي سوٽ ۾ ڍڪيو، ۽ وڏي صبر ۽ ڏک سان کيس قبرستان ۾ دفن ڪيوــــ
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ