ملير ڊسٽرڪٽ جيل ۾ محفل ميلاد جي تقريب منقعد
مشھور نعت خوان مولود , نعت ۽ درود سلام پڙھي
ملير(ڊ ر) ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ محفل ميلاد جي تقريب منقعد, مشھور نعت خوان مولود , نعت ۽ درود سلام پڙھي محفل ۾ موجود قيدين تي سحر طاري ڪري ڇڏيو, مشھور نعت خوان مٺڙو نالو محمد جو ۽ جهولي منهنجي خالي نعت پڙھي محفل ۾ موجود قيدين کي جهومائي ڇڏيو, محفل ميلاد کي خطاب ڪندي جيل سپريٽينڊنٽ سيد ارشد شاھ چيو ته محفل ميلاد ملهائڻ جو مقصد نبي پاڪ صه جي سيرت مبارڪ ۽ حسن اخلاق کي عام ڪرڻ آھي, نبي پاڪ صه جي عظمت ۽ شان سڀني نبين کان اعلي آھي, الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آھي ته بيشڪ الله ۽ ان جا فرشتا نبي پاڪ صه تي درود سلام پڙھن ٿا اي ايمان وارو اوهان به نبي پاڪ محمد مصطفي صه تي درود پاڪ پڙھو, الله پاڪ خالق ڪائنات ۽ ان جا فرشتا اسانجي نبي پاڪ حضرت محمد صه تي درود پڙھي سندس ذڪر کي بلند ڪري ڇڏيو ۽ قيامت تائين دنيا کي اهو پيغام ڏيئي ڇڏيو ته آخري نبي حضرت محمد مصطفي صه جي شان سڀ کان افضل آھي, اسين خوش نصيب آھيون اسانکي الله جو محبوب نبي صه مليو آھي, جيل سپريٽينڊنٽ ملير سيد ارشد شاھ چيو ته اسانکي نبي پاڪ صه جي سيرت ۽ حسن اخلاق تي عمل ڪندي دنيا ۽ آخرت کي سنوارڻ گهرجي, هي زندگي مختصر آھي اسين سڀ مسافر آھيون اسان سڀني کي هڪ ڏينهن هن دنيا کي ڇڏي واپس هلڻو آھي, ان ڪري اسانکي محنت مزدوري ڪري عزت سان وقت گذارڻ گهرجي, چوري, ڦرلٽ, ڌاڙو, فراڊ, بي ايماني , قتل ۽ ٻين ڏوهن کان بچڻ گهرجي, اسين سڀ گنهگار آھيون الله پاڪ توبه جو در کليل رکيو آھي انسان کي توبه ڪري نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ گهرجي, اسانکي پنهنجي نبي پاڪ صه جي سنت تي عمل ڪندي زندگي گذارڻ گهرجي, محفل ميلاد جي تقريب ۾ عالم دين, نعت خوانن, سماجي اڳواڻن شمس ڪورائي, جيل پوليس جي آفيسرن مريد شيخ سميت جيل جي قيدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ,