بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

دادو ۾ شھيد صحافي عظيم لغاري جي وارثن پاران بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 22nd Aug 2023 44 مناظر

شھيد عظيم لغاري جي ڀاءُ صحافي سڄڻ لغاري، غازي لغاري، سخي لغاري ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو

دادو(رپورٽر) دادو پريس ڪلب جي سنئير صحافي شھيد عظيم لغاري جي ڀاءُ صحافي سڄڻ لغاري، غازي لغاري، سخي لغاري ۽ ٻين سنڌ پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بااثرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، صحافي سڄڻ لغاري، عيسيٰ لغاري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي مخالفن وڏيرو حبيب ﷲ لغاري، سندس پٽن سڪندر، منير عرف منو لغاري سندن ڇاڙتا امتياز، سرور، احمد لغاري جن سان سنڱابندي تڪرار هلندڙ آهي، محمد عيسيٰ جي ڌيءَ ياسمين سڪندر لغاري کي ڏنل آهي، عيوضي ۾حبيب ﷲ لغاري جي ڌيءَ شھر بانو امان ﷲ لغاري کي ڏنل هئي، شھر بانو جو سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن بعد ناري ياسمين کي قتل ڪرڻ جو پلان ٺاهيو ويو،ته مسمات خيران ناري ياسمين کي وجهه وٺي ڳوٺ ڪڪڙ هورو مان نڪري دادو پهچي ويون، هاڻي بااثر قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هٿيار کڻي اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري حراسان ڪري رهيا آهن، موبائيل فون تي هٿيار ڏيکاريا وڃن ٿا، اھڙي شڪايت ايس ايس پي آفيس ۾ نوٽ ڪرائي آهي پر اڃا تائين ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي ڪجھ سال پھريان به منهنجي وڏي ڀاءُ شھيد محمد عظيم لغاري کي به دادو شھر ۾ سرعام قتل ڪيو ويو ھيو، صحافتي تنظيمون رڳو نالي چمڪائڻ تائين محدود رھن ٿيون عملي طور ڪا به صحافي جي مدد نٿي ڪئي وڃي، سڄڻ لغاري سنڌ پريس ڪلب جي پوري ٽيم کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ته مونکي منهنجي چاچي کي قتل ڪيو ويندو ڏوهارين کي گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو ويو وڃي،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ