بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

حضرت عبدالله شاھ اصحابي جو عرس مبارڪ 16 جنوري کان شروع ٿيندو

سنڌي خبرون 13th Jan 2025 137 مناظر
حضرت عبدالله شاھ اصحابي جو عرس مبارڪ 16 جنوري کان شروع ٿيندو
ٺٽو( شفيق ڀٽي) ٺٽي جي مشھور وڏي درگاھ حضرت عبدالله شاھ اصحابي جي شروع ٿيندڙ سالياني عرس مبارڪ کان اڳ 16 جنوري 15 رجب واري ڏيھاڙي تي بعد نماز ظھر 2 بجي غسل مبارڪ ڏنو ويندو، جيڪا رسم پاڳارو خليفو منير احمد قريشي، سليم قريشي، حاجي عباس قريشي۔ديدار قريشي، شعير قريشي، اعجاز قريشي جي نگراني ۾ ادا ڪئي ويندي، جيڪا رسم گذريل 500 سئو سالن کان ادا ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف پاڳارو خليفو منير احمد قريشي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته درگاھ تي مقرر مئنيجر ۽ انچارج پاران درگاھ تي ڪوبہ ڌيان نٿو ڏنو وڃي، درگاھ ۾ وضوع توڙي پيئڻ جي پاڻي جو ڪو بندوبست ٿيل ناھي جنھن ڪري زائرين سخت پريشان ٿين ٿا، ان کانسواء درگاھ اندر صفائي جو ڪوبہ انتظام ناھي، ھن چيو تہ درگاھ جي غسل کي باقي چار ڏينھن اچي بچيا آھن، پر درگاھ جي مئنيجر ۽ انچارج آصف ميمڻ طرفان درگاھ لاء ڪي به انتظام ناھن ڪيا ويا، ھن انڪشاف ڪندي چيو ته درگاھ حضرت عبدالله شاھ اصحابي تي اھو انچارج مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن ھن کان اڳ درگاھ سچل سرمست تي وڏو فراڊ ڪيو آھي، ھن صوبائي وزير اوقاف سيد رياض حسين شاھ شيرازي کان مطالبو ڪيو ته درگاھ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي انتظاميہ کي پابند بڻايو وڃي ته جيئن درگاھ جي غسل مبارڪ جي رسم صحيح نموني ادا ٿي سگھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ