بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ٺٽو آفيس ۾ ڪارڪردگي اجلاس منعقد

سنڌي خبرون 08th Oct 2025 223 مناظر
ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ٺٽو آفيس ۾ ڪارڪردگي اجلاس منعقد

اجلاس جي صدارت ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آغا سليم جاويد ڪئي، لاڳاپيل آفيسر شريڪ

ٺٽو (ڊ ر)ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ٺٽو آفيس ۾ اڄ ماهوار ڪارڪردگي جائزو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آغا سليم جاويد ڪئي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ٺٽو ڊاڪٽر نظام الدين جمالي گڏيل طور ڪئي۔ اجلاس ۾ ٺٽي ضلعي جي مختلف ويٽرنري سينٽرن جي ٽيڪنيڪل عملي پنهنجون ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون۔اجلاس دوران ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نظام الدين جمالي عملي تي زور ڀريو ته ضلعي جي مالوندن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ ويڪسين جو عمل مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن مالوندن کي ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي سگهجي۔ڊاڪٽر جمالي وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن لاءِ اهڙي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هر ويٽرنري سينٽر وٽ مالوندن لاءِ ويڪسين ۽ ضروري دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي، ته جيئن سندن خدمت کي. سندن ئي دروازن تي ملي۔ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آغا سليم جاويد ٽيم ورڪ ۽ بهتر حڪمت عمليءَ کي ساراهيندي عملي کي هدايت ڪئي ته عوامي سهولتن جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم جاري رکن۔ هن هر ممڪن سهڪار جي به يقين ڌهاني پڻ ڪرائي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ