جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت

سنڌي خبرون 03rd Jul 2025 188 مناظر
ملير: رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻارڙو فوت

ڊمپر جي ٽڪر ۾ ٽن ورهين جو سيد عادل حسين پٽ عابد علي شاهه فوت ٿي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ ڪچرو کڻندڙ ڊمپر جي ٽڪر ۾ ٽي سالن جو معصوم ٻار، سيد عادل حسين شاهه ولد عابد علي شاهه، موقعي تي ئي حياتي وڃائي ويٺو حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري فوري طور واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو معصوم ٻار جي لاش گهر پهچڻ تي گهر وارن ۽ پاڙي وارن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي جي فضا سوگوار ٿي وئي مرحوم ٻار جي جنازي نماز رزاق آباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ