بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول پوليس پاران ايس ايس پي علينا راڄپر جي هدايتن تي ڪارروائي، 3 منشيات فروش پڪڙڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 04th Jan 2026 284 مناظر
سجاول پوليس پاران ايس ايس پي علينا راڄپر جي هدايتن تي ڪارروائي، 3 منشيات فروش پڪڙڻ جي دعويٰ

صديق ملاح، طفيل ميمڻ ۽ غلام مصطفيٰ ڪيهر کي پڪڙي ورتو: پوليس

سجاول(رپورٽر)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون. 3 ڏوهاري گرفتار. 1265 گرام چرس ۽ 10 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪيس داخل. تفصيل موجب. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي. سجاول بٺورو روڊ گهوٽارو موري ويجھو ڪاروائي ڪندي ٻن منشيات فروشن ڏوهارين صديق ملاح ۽ طفيل ميمڻ کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان 265(1265)گرام چرس هٿ ڪري نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. انچارج شاھبندر اختر حسين کاڙڪ گشت دوران راجن شاھ روڊ جوڻيجا موري ويجھو منشيات فروش ڏوهاري غلام مصطفي عرف پپو ڪيھر کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي منشيات فروشن خلاف وڌيڪ ڪارروايون جاري آهن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ