بدھ، 04 نومبر 2026
بریکنگ

ملير: جمعه حمائتي ڳوٺ جي بوائز سيڪنڊري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 2 مناظر
ملير: جمعه حمائتي ڳوٺ جي بوائز سيڪنڊري اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل

اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي تعليم سان گڏ سندن حياتين کي پڻ خطرا آهن: والدين

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي ابراهيم حيدري ٽائون، يوسي 3 ڀينس ڪالوني جي علائقي جمعه حمائتي ڳوٺ ۾ قائم گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول انتظامي بي ڌياني سبب سخت زبون حالي جو شڪار ٿي کنڊرات ۾ تبديل ٿيڻ لڳو آهي، جنهن سبب اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي تعليم سان گڏ سندن حياتين کي پڻ خطرا لاحق ٿي ويا آهن مقامي رهواسين ۽ والدين موجب اسڪول جي عمارت جون ڀتيون ۽ ڇتيون ٽٽڻ لڳيون آهن، جنهن ڪري عمارت خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي. اسڪول جي ڪلاسن ۾ فرنيچر جي پڻ سخت کوٽ آهي، جڏهن ته شاگردن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي، واش رومز ۽ ٻين بنيادي سهولتن جو به مناسب انتظام موجود ناهي رهواسين جو چوڻ آهي ته برساتن دوران اسڪول جي ڪلاسن ۽ احاطي ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب تعليمي سرگرميون سخت متاثر ٿين ٿيون ۽ شاگردن کي وڏي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسڪول جي خطرناڪ عمارت سبب والدين پڻ پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بابت سخت ڳڻتي جو شڪار آهن.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي خراب صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي، چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سميت ٽائون انتظاميا کي شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر هيل تائين ڪنهن به ذميوار اداري مسئلي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ان جي حل لاءِ عملي قدم نه کنيو آهي علائقي جي رهواسين، والدين ۽ سماجي ڌرين سنڌ جي تعليم واري وزير، ڊائريڪٽر اسڪولز ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير کان مطالبو ڪيو آهي ته جمعه حمائتي ڳوٺ جي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري ڪيمپس اسڪول جي عمارت جي فوري مرمت ۽ بحالي ڪرائي وڃي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي نئين ۽ محفوظ عمارت تعمير ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته شاگردن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، مناسب فرنيچر، واش رومز ۽ تعليم جون سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪري سندن مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ