بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

خيرپور جي فيض واهه مان نڪرندڙ ڏانورا شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 17th Nov 2024 265 مناظر
خيرپور جي فيض واهه مان نڪرندڙ ڏانورا شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ سبب سوين ايڪڙن تي ڪڻڪ جي پوکي ناهيون ڪري سگهيا، نوٽيس ورتو وڃي: مطالبو

خيرپور (رپورٽر ) خيرپور جي فيض واهه مان نڪرندر ڏانورا شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سوين ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي سگهي، آبادگارن ايريگيشن جي اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي پاڻي پهچائي نقصان کان بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ڏاورا مائنر شاخي جي آبادگارن حاجي عبدالغفور مري، حاجي غوث بخش ڦلپوٽي، علي ڏني ڦلپوٽي، ثناء الله مري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ايريگيشن عملدار پڇڙي جي غريب هارين ۽ آبادگارن کي هٿ وٺي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا، گرمي ۾ ته پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي نقصان پهچايو وڃي ٿو پر هاڻ سياري جي پوکي ڪڻڪ لاءِ نه پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن چيو ته ايس ڊي او مظهر حسين شيخ، سرويئر محمد عثمان، داروغي سليم بگٽي سميت ٻين آفيسرن کي شڪايتون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر سندن ڪير به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پڇڙي ۾ وقت سر پاڻي پهچائي معاشي قتل کان نه بچايو ويو ته ايريگيشن جي صوبائي وزير، سيڪريٽري ۽ وزيراعلي جي آفيسن ٻاهران وڃي احتجاج ڪنداسين.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ