منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول جي عدالت پاران منشيات ڪيس جي جوابدار کي سزا

سنڌي خبرون 23rd Dec 2024 84 مناظر
سجاول جي عدالت پاران منشيات ڪيس جي جوابدار کي سزا
سجاول(رپورٽر)سجاول جي عدالت گھٽڪا فروشي ۾ ملوث ڏوهاري تي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪندي منشيات گھٽڪو فروشي ۾ ملوث ڏوهارين جي ڪيسن بھترين تفتيش جي فرضن کي سٺي انداز ۾ ادا ڪندي ڏوهارين کي پنھنجي انجام تائين پهچائڻ جو سلسلو جاري. فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مجسٽريٽ سجاول منظور خان ڌاريجو جي عدالت جاتي ٿاڻي تي گهٽڪي جي ڪيس نمبر 124/2024۾ ڏوهاري محمد اشرف ٻارڻ کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. هن ڪيس جي تفتيش سب انسپيڪٽر غلام شبير کوڙو ڪئي ۽ adpp منور علي دايو عدالت ۾ ڪيس جي پيروي ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ