بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

سجاول ويجھو ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون زبون حالي جو شڪار

سنڌي خبرون 22nd Aug 2023 167 مناظر

عبدالرشيد ماڇي اسڪول جي عمارت تباھھ حال ھئڻ سبب ٻارڙا وڻ ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ضلعي ۾ تعليمي ادارن جو برا حال آھن، سوين اسڪول زبون حال ھئڻ سان گڏ ڪيترا اسڪول بند ھئڻ ڪري ھزارين جي تعداد ۾ ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم، سجاول ويجهو عبدالرشيد ماڇي اسڪول زبون حال جو شڪار ھئڻ ڪري معصوم شاگرد وڻن ھيٺان ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور سجاول ويجهو عبدالرشيد ماڇي اسڪول زبون حال ھئڻ ڪري 60 کان مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول جي عمارت ڀرسان وڻن ھيٺ پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن، روزانو ايندڙ شاگردن کي اسڪول جي عمارت نه ھئڻ ڪري وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ٻئي طرف ڳوٺ سانوڻ ڪنڊرا جي پرائمري اسڪول گذريل 8 سالن کان بند ھئڻ ڪري ٻار تعليم جي زيور کان محروم آھن، ڳوٺاڻن لاڳاپيل اداري جي اعلا آفيسرن کان اسڪول جي عمارت سميت ٻين سھولتن جو مطالبو ڪيو آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ