بدھ، 04 نومبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ هاءِ اسڪول جي رٽائرڊ ٿيندڙ استادن جي مانَ ۾ پروقار الوداعي تقريب

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 3 مناظر
مورو ۾ هاءِ اسڪول جي رٽائرڊ ٿيندڙ استادن جي مانَ ۾ پروقار الوداعي تقريب
مورو(جاني جماڻي) مورو جي راشد مورائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪيمپس ۾ هيڊ ماستر راشد مسعود عباسي، ڊپٽي ڊي اي او حبيب الله کوسو، سيد مختيار علي شاهه، بشير احمد حب، فاروق علي سمون، اسدالله چانڊيو، شاهنواز پنھور، غلام فريد ابڙو، غلام شبير ملاح، جمال بدر قاضي، در محمد ڀان، سونو خان شينو، فقير محمد سومرو ۽ ٻين استادن جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي هڪ پروقار ۽ يادگار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ضلعي نوشهروفيروز ۽ تعلقي مورو جي سينئر، جونيئر ۽ نوجوان استادن، تعليمي ماهرن، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، صحافين ظفر پنهور جاني جماڻي خدا بخش ميمڻ وحيد مستوئي رائو تيمور علي شير ڏيپر اختر لغاري رياض عالماڻي ۽ ٻين ۽ن زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران اسڪول انتظاميا طرفان هيڊ ماستر عبدالجبار ڀنگر ۽ ٻين مهمانن، استادن ۽ صحافين کي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ لنگين جا تحفا پيش ڪري سنڌي ثقافت موجب ڀرپور آجياڻو ڏنو ويو، جڏهن ته رٽائر ٿيندڙ استادن کي گلن جون مالھائون، تحفا ۽ نوٽن جا هار پارائي سندن خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. انموقعي تي الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي رٽائر ٿيندڙ استادن راشد مسعود عباسي، سيد مختيار علي شاهه ۽ ٻين چيو ته استاد جو پيشو رڳو روزگار جو ذريعو نه، پر هڪ عظيم ذميواري ۽ نسلن جي مستقبل کي سنوارڻ جو مقدس مشن آهي. اسان پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال تعليم جي خدمت، شاگردن جي تربيت ۽ علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ گذاريا آهن. ھنن چيو ته رٽائرمينٽ سرڪاري ملازمت جو اختتام ضرور آهي، پر علم، محبت، شاگردن ۽ اداري سان لاڳاپن جو اختتام ناهي. اسڪول ۽ شاگردن سان گذاريل خوبصورت يادون هميشه دلين ۾ زنده رهنديون. هنن تقريب جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ساٿين طرفان ڏنل عزت، محبت ۽ مانُ زندگيءَ جو قيمتي سرمايو آهي. تقريب دوران ساٿين ۽ شاگردن طرفان رٽائر ٿيندڙ استادن جي تعليمي، تدريسي ۽ سماجي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪيترن ئي استادن ۽ مهمانن جون اکيون الوداعي لمحن ۾ آليون ٿي ويون، جنهن سان تقريب جو ماحول انتهائي جذباتي ۽ يادگار بڻجي ويو. جڏهن ته تقريب ۾ سنڌ جي ناليواري ڪلاسيڪل فنڪار عبدالرئوف مگسي پنهنجي سريلي ۽ دلڪش آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو ۽ پنهنجي فن ذريعي تقريب کي وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي رٽائر ٿيندڙ استادن کي شاندار خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي سندن صحتمند، خوشحال ۽ خوشين ڀري مستقبل لاءِ دعائون گهريون ويون.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ