بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ويجهو حادثي ۾ عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 22nd Oct 2025 209 مناظر
نوشهروفيروز ويجهو حادثي ۾ عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي
نوشھروفيروز(ڊ ر) نوشھرو فيروز لڳ قاسم کاھي وٽ قومي شاهراهه تي ٽريالر رڪشا کي پويان زورائتو ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا سوار مرتضیٰ خاصخيلي، امتياز لاڙڪ، مسمات حميران ۽ مسمات ضميران سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضميران کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. حادثي کان پوءِ ٽريالر جو ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ