منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ويجھو ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، 4 ڄڻن کي بيگناھ کنڀڻ جو الزام

سنڌي خبرون 24th Dec 2023 144 مناظر

نوشھروفيروز ويجھو ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف احتجاج، 4 ڄڻن کي بيگناھ کنڀڻ جو الزام

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهرو فيرز ڀرسان ڳوٺ ريلائي ۽ نم وارا کوسا تي نوشهرو فيروز پوليس جي ڪاهه ۽ چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي علي گل کوسو، علي محمد کوسو ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته نوشهرو فيروز پوليس اسان مسڪينن جي گهرن ۾ گھڙي عورتن مردن ٻارن تي تشدد ڪيو ايس ايڇ او نوشهرو فيروز سيد عبدالخالق شاهه ۽ انپيڪٽر محمد اسحاق ملاح بغير ايف آءِ آر جي گهرن ۾ اچي عورتن مردن تي تشدد کان پوءِ ٻڪريون، سولر پليٽون ۽ ڪڪڙيون کڻڻ سميت 9 درجي جي شاگرد مختيار کوسو، امان کوسو، محمد صديق ۽ اظهر کوسو کي کنڀي ويئي پوليس عورتن تي پڻ تشدد ڪيو مسمات راڻي جي ٽنگ ڀڄي پئي آھي. هنن چيو ته ڪرپٽ ايس ايڇ او خالق شاهه هروڀرو پئسا ٿو گهري ۽ ڌمڪائي ٿو ته پئسا نه مليا ته اوهان جي نوجوانن کي پوليس مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪندس هنن انصاف جي گهر ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ