سجاول ۾ معذور مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊ تي نڪري آيا، احتجاجي مظاھرو
معذور ڪوٽا جون نوڪريون، زڪوات، عشر ۽ ٻيا فنڊ حقدارن کي ڏئي انصاف ڪيو وڃي: مطالبو
سجاول (رپورٽر) معذورن پاران حق نه ملڻ خلاف روڊ تي نڪري آيا ، سجاول ڀرسان برانچ موري وٽ روڊ تي رڪاوٽون وجهي سجاول. ڪراچي روڊ بند ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. روڊ بند ٿيڻ ڪري ٻنھي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون ,ان سلسلي ۾ معذورن رمضان ۽ عبدالعزيز ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھانددي چيو ته اسان معذورن لاء سجاول ضلعي ۾ ايندڙ فنڊ جن ۾ معذور ڪوٽا جون ايندڙ نوڪريون ، زڪوات ، عشر ۽ ٻيا فنڊ حقدارن کي ملڻ بجاءِ انھن سان لاڳاپيل اداري وارا ملي ڀڳت ڪري کايو وڃن ، جنھن سبب معذورن کي ڪجھ به ڪون ٿو ملي، اسان مجبور ٿي پنھنجي حق لاء روڊ تي نڪري آيا آهيون. انھن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃين ته جيئن اسين بہ ھن مھنگائي جي دور ۾ بھتر نموني زندگي گذاري سگھون.