منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا مان 12 ڏينھن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد فرحان چانگ جي آزادي لاءِ احتجاج

سنڌي خبرون 19th Mar 2026 249 مناظر
ھڱورجا مان 12 ڏينھن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد فرحان چانگ جي آزادي لاءِ احتجاج

فرحان چانگ جي بازيابي لاء سندس وارثن گلاب چانگ جمن چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا مان 12 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگرد فرحان چانگ جو ڏس پتو ملي نہ سگھبو وارثن پاران احتجاجي ريل ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ھنڱورجا مان 12 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگرد فرحان چانگ جو اڃان تائين ڏس پتو پئي ناھي سگھيو فرحان چانگ جي بازيابي لاء وارثن گلاب چانگ جمن چانگ . امدادي چانگ حنيف چانگ جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ 12 ڏينھن اڳ اسان جي نوجوان جي ھنڱورجا مان پوليس موبائلن ۾ کنڀي گم ڪيو وي آھي 12 ڏينھن گزري ويا آھن پر ڪوب ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو.ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي فرحان چانگ جي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج وڌيڪ سخت ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ