بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ضلعي ۾ هلندڙ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ والدين ٽيمن سان سھڪار ڪن: ڊي سي دادو

سنڌي خبرون 02nd Oct 2023 225 مناظر

تازي ڄاول ٻارکان 5 سالن جي عمر تائين جي ٻارڙن کي پوليوجاڦڙاپيارڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي

دادو (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنردادو فياض حيسن راهوجو چيوآهي ته ضلعي دادو۾ هلندڙ پوليو مهم ۾ صحت کاتي دادو پاران تشڪيل ڏنل پوليوٽيمن پاران هڪ ڏينهن جي تازي ڄاول ٻارکان 5 سالن جي عمر تائين جي ٻارڙن کي پوليوجاڦڙاپيارڻ واري ڪم کي يقيني بنائڻ لاء شهرن توڙي پسمانده علائقن جي ڳوٺن ۾ وڃي ٻارڙن جي والدين ۽ ڳوٺن جي نيڪ مردن کي ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران ٻارن کي ڦڙا پيارڻ واري ٽيمين سان سهڪارڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪوبه ٻار پوليوجي ڦڙن پيئڻ کان رهجي نه وڃي هن روينيو آفيسرن کي هدايت ڪندي چيوته پوليو ڦڙن پيارڻ واري مهم جي نگراني ڪئي وڃي ۽ ٻارڙن جي مارڪنگ نشان ۽ مارڪپ شيٽ ڏسڻ لازمي آهي هن وڌيڪ چيوته ضلعي ۾ هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري ضلعي دادو کي پوليو جهڙي خطرناڪ موذي مرض کان پاڪ ڪيو وڃي. ۽ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئڻ هر پنج سال تائين عمر جي ٻار جو حق آهي جنهن جي لاءِ پوليو ٽيمن کي ڀرپور محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن هن قومي مهم کي ڪامياب ڪجي ۽ ان ڪم ۾ هرمڪتبه فڪر جي فرد کي پنهنجو قومي فرض سمجهي ڪردارادا ڪن ۽ هن وڌيڪ چيو ته عوام ۾ پوليوجهڙي موذي مرض جي خلاف ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي اپيل ڪندي والدين ، ڳوٺن جي نيڪ مردن ، مسجدن جي پيش امام ، سماجي تنظيمن جا اڳواڻن ڪارڪنن کي ته هو ٻارڙن جي گهرگهر وڃي ٻارن کي پوليو جي ڦڙن پيئڻ جي اهميت بابت سجاڳي ڏين
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ