سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي خاتمي۽ مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي جواحتجاج ڌرڻا جاري
لاڙڪاڻي، اوٻاوڙي، خيرپور، شڪارپور سميت مختلف شھرن ۾ جماعت اسلامي پاران مظاھرا
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي طرفان ٻئي ڏينھن تي بہ لاڙڪاڻو ، خيرپور ميرس ۽ اوٻاڙو ۾ احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا لڳايا ويا جڏھن تہ جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سھتو ڪشمور پھچي ٻن مھينن کان پوءِ ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿيندڙ گڊو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر منير احمد نائچ سان ملاقات ڪري بازيابي تي مبارڪباد ڏني . ھن چيو تہ سراج الحق واحد قومي ليڊر ھو جيڪو سنڌ اچي ڏاڙيل راڄ خلاف ڌرڻا ھڻي آواز اٿاريو ۽ ڪشمور ۾ ھندو ڪميونيٽي اغوا ٿيندڙ ساگر ڪمار ، ڊاڪٽر منير نائچ توڙي ٻين مغوين جي وارثن سان ملاقات ڪري آٿت ڏني جماعت اسلامي ان ڳالھ جو عزم ڪري ٿي تہ سنڌ ۾ بدامني توڙي ڌاڙيل راڄ جي خاتمي توڙي آخري مغوي جي بازيابي تائين مظاھرا ڌرڻا ۽ جدوجھد جاري رھندي. ھوڏانھن لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب وٽ ضلعي جي امير قاري ابو زبير جکرو، خيرپور۾حسين شاه باءِ پاس تي مولانا ثناءَالله جوڻيجو، شڪارپور۾گهنٽاگهر چوڪ تي صبغت الله بروهي ۽ اوٻاڙي ۾ پرڪماري ۽ قبول ڪوش جي بازيابي لاءِ ضلعي امير مفتي محمد يوسف مزاري جي قيادت ۾ ڌرڻو ھنيو ويو .ڌرڻي ۾ ٻين سياسي، سماجي، توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪري اظھار يڪجھتي ڪيو.#