بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز جو اي جي ايم جو اهم اجلاس ٿي گذريو

سنڌي خبرون 29th Dec 2024 265 مناظر
روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز جو اي جي ايم جو اهم اجلاس ٿي گذريو

اجلاس دوران مختلف سيڪٽرز ان فوڪل ايرياز تي ڪم ڪرڻ جي قرارداد منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روٽري ڪلب آف ڪراچي نيڪسز جي اي جي ايم جو اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس جي صدارت محمد علي حيدر ڪئي، اجلاس جي موقعي تي گذريل ڇهن مهينن جي پرفارمنس جو جائزو ورتو ويو، ايندڙ ڇهن مهينن جي لاءِ گوز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي کي ان جو ٽاسڪ ڏنو ويو ۽ ۽ هيلٿ، تعليم، ووڪيشنل، انوائرمينٽ سيڪٽرز ان فوڪل ايرياز تي ڪم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي، ان کان علاوه فيبروري جي پڇاڙي ۾ روٽري انٽرنيشنل 3271 جي ڊسٽرڪٽ گورنر جو ڪلب وزٽ ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويو، اجلاس جي موقعي تي ڪميٽي کي فعال ڪرڻ ۽ ان کي گراس روٽ ليول تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ روڊ ميپ ڏنو ويو، اجلاس ۾ فواد شيخ، جنيد حامد، علي حيدر، خرم انيس، شعيب عارف، ڪوثر اسلم، اسلم خالق، عادل ملڪ، طاهر ملڪ، چوڌري عنصر جاويد، انا حيدر، اسلم چغتائي، جاويد زيدي، پروين خان، فهد انصاري، سيد تراب شاهه، ملڪ طاهر اقبال ايڊووڪيٽ، ارشد عباس، مريم عزيز، روشن افضل، سلمان جاويد، عروج نقوي، فيصل گجر ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ