بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو تي پرڏيھي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

سنڌي خبرون 31st Dec 2023 250 مناظر

سنڌ جي قديم ماڳ موھن جو دڙو تي پرڏيھي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

موهن جو دڙو(رپورٽر) جپان ۽ اٽلي جو 25 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي وفد نوگوچي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو،سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.جپان ۽ اٽلي جو پرڏيهي وفد ڊي ڪي ايريا،ايڇ آر،اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم سميت ٻيا آثار گهمي ڏٺا.پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو تي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي تفصيلي بريفنگ ڏني.پرڏيھي وفد جو چوڻ ھو تھ موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو.سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آھن آخري سج کي الوداع ڪرڻ لاء هتي آيا آھيون،خواهش ھئي ته پاڪستان وڃي ڪري موهن جو دڙو ڏسنداسين.هتي اچي ڪري اها خواهش پوري ٿي وئي آھي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ