منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي ورھاڱي واري ھر سازش جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: غلام فاروق ڀنڀرو

سنڌي خبرون 21st Sep 2026 13 مناظر
سنڌ جي ورھاڱي واري ھر سازش جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: غلام فاروق ڀنڀرو

نوشھروفيروز ڀرسان ڳوٺ الھڏتو ڀنڀرو ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرھھ ملھائي وئي

نوشھرو فيروز(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع نوشھرو فيروز جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽر فاروق احمد ڀنڀرو پاران بلاول ڀٽوزرداري جي 38ھين سالگره جو ڪيڪ ڪٽڻ جو پروگرام ڀنڀرو ھائو س ڳوٺ الھ ڏتو ڀنڀرو ۾ زيري صدارت ضلعي صدر حاجي سھيل اختر عباسي جي رکيو جنھن ۾ سموري ضلعي جي عھديدارن چيئرمينن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي سڀني آيل مھمانن کي فاروق ڀنڀروپاران ڀليڪار چئي ان موقعي تي غلام فاروق ڀنڀرو سنڌ ۾ نوان يونٽ ۽ صوبا ٺاھڻ خلاف ڪرارداد پيش ڪئي جيڪا ضلعي جي چيئرمينن ڪائونسلرن ۽عھديدارن اٿي بيھي ڪرار داد منظور ڪئي ۽اعلان ڪيو سنڌ ۾ ڪوب يونٽ يا صوبو منظور ناھي سندس ان عمل کي سڀني ساراھيو۔ان موقعي تي ضلعي صدر حاجي سھيل اختر صدارتي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪ بادڏني ۽چيو ت ڪوبه صوبو يا يونٽ قبول نه آھي ايندڙ اليڪشن ۾ وزير اعظم بلاو ڀٽو ٿيندو۔ان موقي تي لنجار ھائوس جي انچارج احمد نواز بھڻ چيو ته اسان جا مخالف نون صوبن تي راضي پيا آھن پر اسان ڪڏھن به ماء جو سودو نه ڪنداسين ان موقعي ڪاري گانگھر ۔عورت ونگ اڳواڻ شھناز رانجھاني ۔سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لھراڻي ۔پيپلز پارٽي تعلقه ڪنڊيارو جي صدر غلام مرتضي شاه۔سردار اڪبر مورو ۔علي اڪبر چانڊيو ۔شوڪت چانڊيو ۽ٻين بلاول ڀٽو کي جنم ڏينھن جي مبارڪ باد ڏني۔۽ چيو ته ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو ھوندو سنڌ ھڪ آھي حق رھندي ڪوؤه صوبو يا يونٽ ننمنظور جا نعار لڳائيا۽ چيئرمين بلاول وڏي عمر لاء دعا پڻ گھري وئي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ