بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻي مان 13 جون تي مبينا اغوا ٿيل اٺين جماعت جي شاگردياڻي جو ڪيس داخل

سنڌي خبرون 30th Jun 2024 299 مناظر
لاڙڪاڻي مان 13 جون تي مبينا اغوا ٿيل اٺين جماعت جي شاگردياڻي جو ڪيس داخل

لاڙڪاڻي مان 13 جون تي مبينا اغوا ٿيل اٺين جماعت جي شاگردياڻي جو ڪيس داخل

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي شهر مان 14 ورهين اٺين جماعت جي شاگردياڻي مبينا طور اغوا، وارثن طرفان شاگردياڻي جي بازيابي جو مطالبو ، شاگردياڻي شمائله عرف دعا بروهي جي مبينا اغوا جو ڪيس رحمت پور ٿاڻي تي 4 جوابدارن مٿان داخل ، جوابدارن ۾ شهدادڪوٽ واسي شعيب بروهي، لاڙڪاڻي واسي محمد علي بروهي ۽ 2 اڻ ڄاتل جوابدار شامل، شاگردياڻي جي بازيابي لاءِ سندس والد ممتاز بروهي طرفان فورٿ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي، پٽيشن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو، جاچ آفيسر ۽ ايس ايڇ او رحمت جوابدار ڄاڻايل ، ناري جي اغوا جي ايف آءِ آر ۽ بازيابي لاءِ عدالت ۾ داخل پٽيشن باوجود پوليس شاگردياڻي کي بازياب نه ڪرائي سگهي ، وارٿن جو چوڻ آهي ته شمائله عرف دعا بروهي 13 جون تي ڀينس ڪالوني ۾ قائم خانگي اسڪول ۾ پيپر ڏيڻ لاءِ وئي هئي، وارثن موجب شمائله عرف دعا اسڪول کان گهر نه پهتي جنهن جي ڳولا به ڪئي. شمائله عرف دعا بروهي کي شعيب بروهي، محمد علي بروهي پنهنجي 2 ساٿين سان گڏجي اغوا ڪيو آهي. شمائله عرف دعا بروهي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس موجب شاگردياڻي شمائله عرف دعا بروهي جي اغوا جي ايف آءِ ار شعيب بروهي، محمد علي بروهي ۽ 2 اڻ ڄاتل جوابدارن مٿان داخل آهي. واقعي کي 17 ڏينهن گذري چڪا آهن پر وارث پوليس سان سهڪار نه پيا ڪن. معاملي جي مختلف رخن کان جاچ هلندڙ آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ