منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽو: سماجي تنظيم «پيغام» جو اھم اجلاس ٿي گذريو

سنڌي خبرون 21st Sep 2026 15 مناظر
ٺٽو: سماجي تنظيم «پيغام» جو اھم اجلاس ٿي گذريو

اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد ۽ نون سماجي منصوبن تي اتفاق

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)سماجي تنظيم «پيغام» جي اهم اجلاس ۾ تنظيم جي اڳوڻن فيصلن تي عملي طور عملدرآمد تيز ڪرڻ، ضلعي ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن جي بهتري، بلڊ ڊونر نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن لاءِ مختلف موقعا پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ سرپرست اعلي بلاول سمون، صدر محمد اسماعيل سمون، ممتاز علي سميجو، عبيدالله جماري، محمد عمر سرائي، مختيار جان چانڊيو، مڪيش ديو ۽ تنظيم جي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ منور علي ڀٽو شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سماجي تنظيم «پيغام» جي گذريل سرگرمين ۽ اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي اتفاق ڪيو ويو ته تنظيم جي طئي ٿيل منصوبن کي مرحليوار عملي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته ضلعي جي اهم سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪري لاڳاپيل ادارن ۽ پارٽنر تنظيمن سان رابطن ذريعي انهن جي حل لاءِ ڪم ڪيو ويندو.اجلاس ۾ بلڊ بينڪ/بلڊ ڊونر نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو، جنهن ذريعي هنگامي حالتن ۾ مريضن ۽ ضرورتمندن کي رت جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي. ان سان گڏ صحت جي شعبي ۾ عوامي سهولتن جي بهتري ۽ تعليم جي فروغ لاءِ پڻ مختلف سرگرمين ۽ منصوبن تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، آن لائن روزگار ۽ اسڪل ڊولپمينٽ جي موقعن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ضلعي جي باصلاحيت نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ به سرگرميون جاري رکيو وينديون.ان موقعي تي ايندڙ پروگرام بابت فيصلو ڪيو ويو ته 27 سيپٽمبر تي عالمي سياحت جي ڏينهن جي موقعي تي ڪينجهر ڍنڍ تي سياحت، ماحولياتي تحفظ، مقامي ثقافت ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي بابت هڪ بامقصد ڊائلاگ پروگرام منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ لاڳاپيل ماهرن، سماجي ڪارڪنن، نوجوانن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته سماجي تنظيم «پيغام» ٺٽي ضلعي ۾ صحت، تعليم، ماحوليات، نوجوانن جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي شعبن ۾ عملي ۽ نتيجا ڏيندڙ سرگرمين کي وڌيڪ منظم انداز ۾ اڳتي وڌائيندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ