سجاول ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 30ھين ورسي ملھائي وئي
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر رابطا ڪميٽي پاران سالگرھھ تقريب منعقد ڪئي وئي
سجاول (رپورٽر) ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر رابطا ڪميٽي پاران پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 30هين ورسي نيشنل پريس ڪلب سجاول ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي. تقريب جي شروعات شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس شهيد ساٿين جي مغفرت، بلند درجات ۽ انصاف لاءِ دعا سان ڪئي وئي. تقريب ۾ زيب رابطا ڪميٽي جي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر شاھ مير يونس ڀان، ڪيس مئنيجمينٽ لالا ياسر ڀان، سينيئر ساٿي اسحاق ڪوريجو، صالح چانڊيو، نند لال، رفيق کوڙ، محبوب عباسي، اڪبر سوهو، اياز ڪوريجو، لطيف شيخ، عامرشيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي سرخ سلام پيش ڪيو. اڳواڻن چيو تہ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو آمريت خلاف عوامي جدوجهد جو اهم ڪردار هو، جنهن عوام جي حقن ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي سياسي جدوجهد کي عوامي حقن سان جوڙي رکيو. هنن چيو تہ 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچي جي 70 ڪلفٽن واري علائقي شھيد مير مرتضي ڀٽو جلسي کي خطاب ڪري پنھنجي گھر اچي رھيو ھو تہ سندس مٿان پوليس اندادند فائرنگ ڪري ڏني ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي ساٿين سميت شهيد ٿيو. واقعي کانپوءِ سندس شهادت تي ملڪ جي سياسي ۽ عوامي حلقن ۾ سخت ردعمل سامهون آيو. اڳواڻن جو چوڻ هو تہ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت کي ٽي ڏهاڪا گذري ويا آهن، پر شهيدن جي خون سان انصاف لاءِ جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. هنن چيو تہ 1996ع کان 2026ع تائين اسان انصاف جي گهر ڪري رهيا آهيون تہ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس شهيد ساٿين جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ شهيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. تقريب ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سياسي جدوجهد، آمريت خلاف مزاحمت ۽ عوامي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو تہ سندس فڪر ۽ جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.