منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

گهارو ۾ صوبائي محتسب بابت هارون احمد خان جي صدارت ۾ آگاهي سيمينار

سنڌي خبرون 22nd Sep 2025 249 مناظر
گهارو ۾ صوبائي محتسب بابت هارون احمد خان جي صدارت ۾ آگاهي سيمينار

صوبائي محتسب جو ادارو عوام جي جائز شڪايتن جي ازالي لاءِ هر وقت سرگرم آهي: هارون احمد خان

ٺٽو(ڊ ر)ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو هارون احمد خان جي صدارت هيٺ گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول گهارو ۾ صوبائي محتسب جي اهميت، افاديت ۽ طريقيڪار بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب هارون احمد خان چيو ته صوبائي محتسب جو ادارو عوام جي جائز شڪايتن جي ازالي لاءِ هر وقت سرگرم آهي، جيڪو بغير ڪنهن وڪيل جي، عوام کي جلدي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن شاگردن کي صوبائي محتسب جي مقصدن، اثرن ۽ ڪارڪردگي بابت پڻ تفصيلي آگاهي ڏني۔ هن چيو ته صوبائي محتسب جي رهنمائي هيٺ عوام کي فوري انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ ۾ انصاف فراهم ڪندڙ ادارا موجود آهن پر انهن تائين پهچڻ لاءِ بنيادي ڄاڻ نه هئڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجن حقن کان محروم رهن ٿا۔ ريجنل ڊائريڪٽر چيو ته شهري ڪنهن به صوبائي کاتي جي خلاف پنهنجي جائز شڪايت سادي ڪاغذ تي لکي موڪلي سگهن ٿا، ۽ سندن مسئلو جلد حل ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا۔ هن چيو ته اسان جا دروازا هر انصاف تلاش ڪندڙ لاءِ کليل آهن۔ ان موقعي تي ايسوسيئيٽ پروفيسر محمد هارون لوهار ۽ پرنسپال گل حسن سوڍو اسڪول کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب چيو ته سمورا مسئلا لکت ۾ موڪليا وڃن ته جيئن انهن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا وڃن۔ هن اسڪول ۾ معياري تعليم جي فراهمي ۽ بهتر ماحول تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پروفيسر محمد هارون لوهار، پرنسپال گل حسن سوڍو ۽ ٻين استادن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو۔ ان موقعي تي اسسٽنٽ رجسٽرار محتسب محمد حنيف پنهور، استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ