بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

لاڙڪاڻي سرڪل ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن تيز

سنڌي خبرون 08th Sep 2023 148 مناظر

لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي مخلتف علائقن ۾ سيپڪو عملي جو آپريشن

لاڙڪاڻو /وزيراعظم پاڪستان، بجلي واري وفاقي وزير ۽ سيپڪو چيف جي هدايتن تي لاڙڪاڻي سرڪل ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سيپڪو لاڙڪاڻو عبدالغفار ماڪا جي سربراهي ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي مخلتف علائقن ۾ سيپڪو جي عملي تقريبن 5 سو غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽي تارون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، جڏهن ته 3 غير قانوني ٽرانسفارمر به لاهي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا، سيپڪو عملي مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري بجلي بل جي مد ۾ باقيدارن ڏانهن رهيل 10 لک رپيا به وصول ڪيا، ان سلسلي ۾ ايس اي سيپڪو عبدالغفار ماڪا جو چوڻ آھي تہ آئيس فيڪٽرين سميت وڏن بجلي چورن خلاف ايف آئي آر لاءِ پوليس کي ليٽر لکيا ويا آهن. سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ٻڌايو ته وزيراعظم، کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ سيپڪو چيف جي سخت هدايتن تي بجلي چورن خلاف شروع ڪيل آپريشن تيز ڪيو ويو آهي، ڪنهن به صورت ۾ بجلي چورن کي بخش نه ڪيو ويندو..
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ