بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

رليف ڪيمپن ۾ منتقل ٿيل ساحلي پٽي واسي بي يارو مددگار بڻيل آهن: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 15th Jun 2023 46 مناظر

ساحلي پٽي جي ڳوٺاڻن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ کانپوءِ حڪومت لاتعلق بڻجي وئي آھي

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو،الطاف خاصخيلي،روشن ڪنراڻي، اشرف پليجو، خادم سمون، شوڪت سريوال ۽ ٻين چيو آھي تہ ساحلي پٽي جي ڳوٺاڻن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ کانپوءِ حڪومت لاتعلق بڻجي وئي آھي. ماڻھن کي بھتر خوراڪ، صاف پاڻي ۽ علاج جون سهولتون ناھن. جيئن ٻوڏ متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو ائين سامونڊي طوفان جي متاثرن کي لاوارث ڇڏيو ويو آھي. ڪرپٽ حڪمرانن قدرتي آفتن کي بہ ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت فوري طور سامونڊي طوفان سبب متاثر ٿيندڙ ڪراچي، ٺٽو، سجاول بدين جي ساحلي پٽي جي علائقن ۾ ھنگامي بنيادن تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون وڃن رليف ڪيمپن ۾ ترسيل سوين متاثرين مليريا، گيسٽرو سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن طوفان سبب ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن، صحت کاتو غائب آهي پندرهن سالن کان حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ