بدھ، 04 نومبر 2026
بریکنگ

زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ جون عمارتون غير محفوظ، پرو وي سي اضافي چارج ڇڏي ڏني

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 4 مناظر
زرعي يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ جون عمارتون غير محفوظ، پرو وي سي اضافي چارج ڇڏي ڏني
عمرڪوٽ (ڊ ر) سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ عمارتن جي زبون حالي، مالي بحران ۽ تدريسي سرگرمين جي متاثر ٿيڻ جا مسئلا سنگين بڻجي ويا آهن، ڪيمپس جي آپريشنل رپورٽ موجب غير محفوظ عمارتن سبب فزيڪل ڪلاسز بند ڪري آن لائين تعليم جاري رکي پئي وڃي، جڏهن ته ڪلاسز جي بحالي لاءِ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جون عمارتون عارضي طور استعمال ڪرڻ بابت مفاهمتي يادداشت جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جنوري 2027ع کان ٻن سالن تائين سهولتن جي استعمال ۽ ماهوار اڍائي لک رپيا ادائيگي جي تجويز شامل آهي، پر اڃان منظوري ۽ عملدرآمد جو مرحلو مڪمل ناهي ٿيو، رپورٽ ۾ ملازمن کي مڪمل پگهارن ۽ الائونسز جي عدم ادائيگي، نين عمارتن جي تعمير ۾ دير ۽ مستقل مالي گرانٽ جي ضرورت پڻ ظاهر ڪئي وئي آهي، ڪيمپس جي ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ارب 16 ڪروڙ رپين کان وڌيڪَ جو نظرثاني ٿيل پي سي ون هائر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن اماڻيل آهي، هوڏانهن 4 نومبر تي پروفيسر ڊاڪٽر ضياءُ الحسن شاهه ڪيمپس جي پرو وائس چانسلر جو اضافي چارج ڇڏي پنهنجي اصل عهدي پروفيسر، ڊپارٽمينٽ آف سوائل سائنس ٽنڊوڄام جون ذميواريون ٻيهر سنڀالڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ