دادو ۾ پاڪستان زنده آباد بيسڪ آرگنائيزيشن جو احتجاج
9مئي وارن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا: اڳواڻ
دادو ( رپورٽر) پاڪستان زنده آباد بيسڪ آرگنائيزيشن ضلع دادو پاران 9 مئي جي واقعي جي مذمت ڪندي شھداء پاڪستان جي عنوان سان چائلڊ پروٽيڪشن دادو ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ھدايت حسين شاهه ۽ڊاڪٽراحسان پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي ايس ايس پي چونڪ دادوکان پريس ڪلب دادو تائين ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي سيد ھدايت حسين شاهه ۽ داڪٽر احسان پنهور چيو ته پاڪ فوج اسان جي ملڪ جي شان ۽ شوڪت ۽ ملڪ ۽ عوام جي سلامتي جي ضامن آهي، قربانيون ڏنيون آهن، انهن قربانين جو مثال نٿو ملي، پوري قوم هميشه پاڪستان جي عزت ۽ وقار سان گڏ بيٺل آهي. فوج جي اداري جي عزت. 9 مئي تي ملڪ دشمن عناصر جي سازش تحت قومي سلامتي جي ضامن ۽ اداري جي محافظ جي تنصيبات ۽ حساس هنڌن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو.جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي