سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو، 15 سالن دوران غربت ۽ بيروزگار گھٽجڻ بدران وڌندي رھي: اياز لطيف پليجو
سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو، 15 سالن دوران غربت ۽ بيروزگار گھٽجڻ بدران وڌندي رھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي تڪ ۾ گھر گھر ورڪ مھم شروع ڪري ڇڏي، رھواسين زبردست موٽ اياز لطيف پليجي کي اجرڪن، لنگهين، سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا ۽ گلن جي ورکا ڪري کي ووٽ ڏيڻ ۽ حمايت جو خاطري ڪرائي آھي. اياز لطيف پليجي وحدت ڪالوني، جوڻيجا ڪالوني، مسرور جتوئي ڳوٺ ۽ انور ولاز ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ پارٽي جي سوين ڪارڪنن سان گڏجي گھر گھر ورڪ شروع ڪيو تہ سوين ماڻھو نوجوان ۽ بزرگ گڏ ٿي ويا، جڏھن تہ جوڻيجا ڪالوني ۾ ٻن بزرگ عورتن گھر مان نڪري اياز لطيف پليجي سان ملاقات ڪري کيس پيار ۽ دعا ڏني ۽ چيو تہ اسان جي علائقي ۾ ڪي بہ سھولتون ناھن. گھٽين ۾ گٽر جو پاڻي ۽ گندگي جو آزار آھي. ان موقعي تي رھواسين سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ 15 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر ڪرپٽ وزير تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي کٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ھاڻ تبديلي چاھي ٿو. 2013 کان وٺي عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙا ھڻي جعلسازي سان اسان جا نتيجا تبديل ڪيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نہ ڏني ويندي. 8 فيبروري تي پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جو سج لھي ويندو. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي قاسم آباد سميت سڄي ۾ امن، انصاف، برابري، تعليم ۽ صحت لاء ڪم ڪنداسين. نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار ڏنو ويندو. زراعت کي بحال ڪري بک، بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين.