بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

پنجاب پوليس ڪشمور مان ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 14th Jan 2025 241 مناظر
پنجاب پوليس ڪشمور مان ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو

6ڏينهن اڳ پنجاب پوليس جي اٽالن چڙهائي ڪري شبير احمد سولنگي کي مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو

ڪشمور(دلبر جاني )ڪشمور مان ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب پوليس ھٿان گرفتار ڪري نوجوان کي پنجاب پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيو آهي وارثن پاران مقابلو ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، ڪشمور مان ڇھ ڏينهن اڳ پنجاب پوليس جي اٽالن چڙهائي ڪري پنجاب جي علائقي کروڙ جي رھواسي نوجوان شبير احمد سولنگي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو گذريل رات پنجاب جي ٿاڻي آباد پور ۾ پنجاب پوليس مقابلو ۾ مارڻ جي دعوا ڪري ڇڏي آهي نوجوان جي وارثن پنجاب پوليس جي مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو وارثن ميڊيا آڏو دانھين ٿيندي چيو آهي ته اسان جو نوجوان غريب ۽ پورهيت ھو محنت مزدوري ڪري گهر جو سفر گذر ڪندو هو پنجاب پوليس ناجائزي ڪئي آهي اسان جو نوجوان بي قصور ھو جنھن کي پنجاب پوليس گولين جو کاڄ بڻايو آهي وارثن آئي جي پنجاب ۽ وزير اعليٰ پنجاب کان گُھر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪوڙي مقابلي جي جاچ ڪري ملوث پوليس اھلڪارن کي سخت سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ