منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرھھ ملھائي وئي

سنڌي خبرون 21st Sep 2026 15 مناظر
عمرڪوٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرھھ ملھائي وئي

برهان الدين ڪنڀر هائوس تي سالگرھھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 38هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ پاران پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس تي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن، عهديدارن ۽ جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ سندس صحت، سلامتي، ڪاميابي ۽ ڊگهي عمر لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، سالگرهه جي تقريب ۾ پارٽي ڪارڪنن پاران ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته خوشي جي موقعي تي راڳ رنگ ۽ آتشبازي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو، ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بلاول ڀٽو زرداري کي سالگرهه جون واڌايون ڏيندي سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، تقريب ۾ پ پ پ ضلع عمرڪوٽ جي سينئر نائب صدر برهان الدين ڪنڀر، ضلع چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي سيف الله خالد سراج سومرو، ضلع انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گهنشام داس، وائيس چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ڪمار ٽلواڻي، ڪائونسلر اسحاق ڪنڀر، ضلع ڪائونسل ميمبر سوائي سنگهه، حبيب الله آريسر، ڊاڪٽر هوت ٻٻر، اصغر سومرو، نندلال ميگهواڙ، تعلقه صدر امين پلي، جنرل سيڪريٽري منٺار آريسر، گرڌاري ميگهواڙ، مهتاب ميگهواڙ، سٽي صدر عبدالله کوسو، موتي ميگهاڻي، ٽيڪم مالهي، راجا رامچند مالهي، شوڏان ڪولهي، اقليتي صدر بنسي مالهي، هاري ڪميٽي صدر واحد سمون، ليڊيز ونگ صدر گلزار سمون، نورجهان ڳيلهڙو، آمي ڀيل، سيد امام زادي، مشتاق راهمون، چيئرمين روشن راهمون، ڪانجي مل ميگهواڙ، اعجاز سومرو، شڪيل ڪنڀر سميت پارٽي عهديدارن، جيالن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي جدوجهد ۽ پارٽي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي سندس صحت، سلامتي، ڪاميابي ۽ ڊگهي عمر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ