منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

شھدادپور ۾ سڪرنڊ واسي واپاري جي بازيابي لاءِ راجپوت برادري جو احتجاج

سنڌي خبرون 07th Nov 2023 135 مناظر

راجپوت برادري پاران انور راجپوت جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

شھدادپور سڪرنڊ واسي واپاري جي بازيابي لاءِ شھدادپور ۾ راجپوت برادري پاران احتجاج ڪيو ويو
راجپوت برادري پاران سڪرنڊ واسي انور راجپوت جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي
مظاهرين جو چوڻ هو ته واپاري انور راجپوت دادو ۾ بئنڪ مان ڦُٽيءَ جي رقم ڪڍرائڻ بعد اوچتو لاپتا ٿي ويو،
سندس ڪار شڪارپور جي باءِ پاس تان ملي آهي جيڪا پوليس تحويل ۾ آهي
شڪارپور پوليس ۽ دادو پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي گم ٿيل واپاري جي ڳولا توڙي بازيابي لاءِ ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي
معاملي کي 5 ڏينهن گذري ويا پر ٻنهي ٿاڻن جي پوليس خاموشي اختيار ڪري ويٺل آهي، سندس گهر ڀاتي پريشاني واري ڪيفيت ۾ آهن
معاملي جو نوٽيس وٺي ترت قدم کڻي واپاري انور راجپوت جي بازيابي يقيني بڻائي بيچيني دور ڪئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ