بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير: پورٽ قاسم لڳ خانگي فيڪٽري ۾ گئس پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، 2پورهيت فوت، 4ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 30th Jan 2025 170 مناظر
ملير: پورٽ قاسم لڳ خانگي فيڪٽري ۾ گئس پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، 2پورهيت فوت، 4ڄڻا زخمي

ڌماڪي ۾ 40ورهين جو ناظم پٽ پٺاڻ خان & 45 ورهين جو ڪامران فوت ٿي ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم لڳ خانگي فيڪٽري ۾ گئس پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، 02 پورهيت فوت، 04 ڄڻا زخمي، جناح اسپتال منتقل، تفصيل موجب ملير جي علائقي پورٽ قاسم لڳ قائم خانگي فيڪٽري ۾ ڪالھ اوچتو گئس پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 02 ڄڻا 40 ورهين جو ناظم پٽ پٺاڻ خان 45 ورهين جو ڪامران پٽ نامعلوم فوت ٿي ويا جڏهن ته تنوير، 38 ورهين جي نامعلوم ۽35 ورهين جي نامعلوم سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا, فيڪٽر انتظاميا فوتي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ پورهيتن ٻڌايو ته لائن ۾ اوچتي ڌماڪي سبب پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي هئي جڏهن ته سيفٽي جا مڪمل انتظام نه هجڻ ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل نه ڪرڻ سبب جاني نقصان ٿيو اهي ان حوالي سان فيڪٽري انتظاميا سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر هن فون رسيو نه ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ