بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آهي: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 03rd Oct 2023 47 مناظر

وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا تہ انهن جا هٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، جنهنڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن. نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، مٿان پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل سڪي وڃن ٿا. سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي کي گذريل پندرهن سالن کان مسلسل سنڌ جي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار اعلي تائين پھچايو ان جي بدلي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي ايڊز، ھيپاٽائيٽس، پيئڻ لاءِ گٽرن وارو پاڻي، بک بدحالي، بيروزگاري، لاقانونيت، بدامني ۽ لاشن کانسواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو. پ.پ.پ پنهنجي اڳوڻين دور حڪومت ۾ سنڌي عوام کي ديوار سان لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي، وزيرن، مشيرن رڳو ڪرپشن ڪري پنھنجا گھر ڀريا، سنڌ جي عوام کي سکڻا آسرا ڏئي رلايو ۽ پيپلز پارٽي ۽ سندس سنڌ حڪومت عوام جي خوشحالي لاءِ ڪي بہ اپاءَ نہ ورتا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ