منگل، 03 نومبر 2026
بریکنگ

ريڙهي ڳوٺ ۾ موسمياتي تبديلين کان محفوظ وڌيڪ 3 گهر ماھگير خاندانن حوالي

سنڌي خبرون 03rd Nov 2026 4 مناظر
ريڙهي ڳوٺ ۾ موسمياتي تبديلين کان محفوظ وڌيڪ 3 گهر ماھگير خاندانن حوالي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي سامونڊي پٽي واري علائقي ريڙهي ڳوٺ ۾ هيلٿ، ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي پروگرام (HELP) پاران مستحق ماهيگير خاندانن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ وڌيڪ 3 گهر تعمير ڪرائي حوالي ڪيا ويا، جنهن بعد اداري پاران تعمير ڪرائي مستحق خاندانن حوالي ڪيل گهرن جو مجموعي انگ 157 ٿي ويو آهي گهر حوالي ڪرڻ واري تقريب ۾ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. هن سامونڊي پٽي جي بي گهر ۽ مستحق ماهيگير خاندانن کي محفوظ رهائش فراهم ڪرڻ لاءِ HELP جي ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي HELP جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر ياسمين حنيف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماهيگير خاندان تيز برساتن، ٻوڏن ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جڏهن ته ڪيترن ئي خاندانن جا گهر موسمياتي آفتن سبب بار بار تباهه ٿيندا رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾ ماهيگير خاندانن کي محفوظ ۽ مضبوط رهائش فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي هن وڌيڪ چيو ته 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ HELP پاران سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ پڻ ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ اهڙي نوعيت جا محفوظ گهر تعمير ڪرايا ويا هئا. موسمياتي آفتن کان متاثر ۽ ڪمزور طبقن کي محفوظ ۽ باوقار رهائش فراهم ڪرڻ اداري جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهي، ته جيئن متاثر خاندان پنهنجي زندگي ٻيهر بهتر نموني شروع ڪري سگهن ۽ مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي خطرن کان محفوظ رهن تقريب کي خطاب ڪندي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد چيو ته برساتن ۽ ٻوڏن سبب مسلسل متاثر ٿيندڙ ماهيگير برادريءَ لاءِ محفوظ گهرن جي فراهمي انتهائي اهم قدم آهي. اهڙا منصوبا ماهيگير خاندانن کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ سندن زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ