بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري حيدر بخش جتوئي بوائز ھاءِ اسڪول جي استادن جو احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 09th Jan 2024 273 مناظر

ڏوڪري حيدر بخش جتوئي بوائز ھاءِ اسڪول جي استادن جو احتجاجي مظاھرو

ڏوڪري(اظهر ميمڻ)گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به ضلعي ايجوڪيشن آفيسر گلبھار مگسي جي مقرريءَ خلاف گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي استادن احتجاج ڪيو ويو. گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به استادن هيڊ ماستر نثار احمد سولنگي، قاضي عقيل احمد جوڻيجو، علي پٺاڻ، عبدالغفور زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ ھٿن ۾ بئنر کڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تعليم کاتي جي اختيارين نااهل گلبهار مگسي آفيسر کي مقرر ضلعي جي تعليم تباھ ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڊي اي او تعليم مقرري روڪي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ