بدھ، 04 نومبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ: مولانا فضل الرحمان جي ذاتي رهائشگاهه جي ڊرون فوٽيج ٺاهڻ ۽ نشر ڪرڻ جي مذمت

سنڌي خبرون 04th Nov 2026 4 مناظر
عمرڪوٽ: مولانا فضل الرحمان جي ذاتي رهائشگاهه جي ڊرون فوٽيج ٺاهڻ ۽ نشر ڪرڻ جي مذمت

ملوث چينلن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ

عمرڪوٽ (ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي اسلام آباد ۾ ذاتي رهائشگاهه جي ڊرون ڪيمرائن ذريعي فوٽيج ٺاهڻ ۽ انهن کي سوشل ميڊيا توڙي ٽي وي چينلن تي نشر ڪرڻ خلاف جي يو آءِ عمرڪوٽ جي اڳواڻن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شخص جي گهر جي چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪرڻ ۽ سندس ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ عمرڪوٽ جي اڳواڻن مولانا يعقوب نعماني، مولانا محمد صابر، مولانا حاجي ميان خان راڄڙ ۽ مولانا رسول بخش منڱريو سميت ٻين چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان جي ڪيل تقرير کي ٽوڙي مروڙي ۽ اصل حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن سان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ذاتي رهائشگاهه جي ڊرون ڪيمرائن ذريعي فوٽيج ٺاهڻ ۽ انهن کي وائرل ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، جنهن جي اسين ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، گهر جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس هر ڪنهن لاءِ اهم آهي ۽ ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ جا عمل بند ٿيڻ گهرجن، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته اسين قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان جي هر حڪم تي لبيڪ چونداسين ۽ سندس قيادت سان مڪمل وفاداري رکون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه جون فوٽيج نشر ڪندڙ ٽي وي چينلن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ جي يو آءِ پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، پريس ڪانفرنس ۾ مولانا محمد علي نهڙي، مولانا محمد علي نواز، مولانا محمد سليم، مولانا محمد يوسف سميجو، خالد بجير، عمران ديوبندي ۽ معاويه ڪنڀر سميت ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ