ہفتہ، 19 ستمبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران سنڌو درياءَ جي بندن جو دورو ، حفاظتي انتظامن جو جائزو

سنڌي خبرون 28th Sep 2025 282 مناظر
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو پاران سنڌو درياءَ جي بندن جو دورو ، حفاظتي انتظامن جو جائزو

ڊي سي منور عباس سومرو اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم سان گڏ سنڌو درياءَ جي بندن جو دورو ڪيو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڊيٽي ڪمشنر منور عباس سومرو اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم سان گڏ درياءَ سنڌ جي اهم بندن جو دورو ڪيو، جن ۾ سونڊا، هليا بند، ڪينجهر ۽ دوله درياءَ خان پل شامل هئا . ان موقعي تي آبپاشي کاتي جا عملدار به ساڻس گڏ هئا. دوري دوران ڊيٽي ڪمشنر بندن جي موجوده حالت ۽ درياءَ سنڌ ۾ پاڻي جي سطح جو جائزو ورتو . هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته امڪاني ٻوڏ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سمورا حفاظتي اپاءَ مڪمل رکيا وڃن ۽ بندن جي لڳاتار نگراني کي يقيني بڻايو وڃي. ڊيٽي ڪمشنر چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي –
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ