بدھ، 23 ستمبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ونڊ پراجيڪٽن جي ملازمن جو احتجاجي مظاھرو

سنڌي خبرون 17th Sep 2023 305 مناظر

ننڍن ملازمن توڙي سيڪيورٽي گارڊن پاران جهمپير لڳ سچل ونڊ آنرجي ڪمپني جي گيٽ آڏو احتجاج

ٺٽو(ڊر) تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ قائم مختلف ونڊ پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ننڍن ملازمن توڙي سيڪيورٽي گارڊن کي اڳوڻي سنڌ سرڪار پاران اعلانيل 35 ھزار روپيہ اجورو، بونس سميت ٻيون ڪي بہ مراعتون نہ ملڻ خلاف متاثر ٿيل پورھيت سراپا احتجاج بڻجي جهمپير لڳ سچل ونڊ آنرجي ڪمپني جي گيٽ آڏو ھڪ احتجاجي مظاھرو پورھيت اڳواڻ سونھارو چانگ، عبدالخالق چانگ، محمد عيسيٰ چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھو ڪيترن ئي سالن کان ڪمپني ۾ ملازمت ڪندا پيا اچن، پر اڃان تائين ھن وڌندڙ مھنگائي باوجود نہ سندن پگھارون ٿيون وڌايون وڃن ۽ نہ ئي کين بونس سميت ٻيون ڪي مراعتون ٿيون ملن، ھنن چيو تہ گذريل سنڌ حڪومت پورھيتن تي 35 ھزار روپيہ پگھار ڪئي ھئي پر کين اڃان تائين 15 ھزار روپيہ ڏنا ٿا وڃن، جنھن مان سندن گھر جي ھڪ وقت بہ چلھ نٿي ٻري، جڏھن تہ ڪمپني جي آيڊمن جو مقامي پورهيتن سان رويو بہ بهتر ناھي، ڪمپني انتظاميہ رڳو غير مقامي پورھيتن کي نوازڻ ۾ پوري اھي، جيڪا مقامي پورھيتن سان وڏي ناانصافي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن سندن پگھارون وڌائي کين بونس سميت سموريون مراعتون ڏنيون وڃن، ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل تائين سندن احتجاج جاري رھندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ