منگل، 22 ستمبر 2026
بریکنگ

سنڌ کي خطرو آھي پاڪستان کي خطرو آھي، جيستائين ھڪ بھ سنڌي زندھ آھي اھو سنڌ ٽٽڻ نھ ڏيندو: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 22nd Sep 2026 4 مناظر
سنڌ کي خطرو آھي پاڪستان کي خطرو آھي، جيستائين ھڪ بھ سنڌي زندھ آھي اھو سنڌ ٽٽڻ نھ ڏيندو: اياز لطيف پليجو

سانگھڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو جلسو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت لکين ماڻھو شريڪ

شاھپورچاڪر / شھدادپور /چودڳي : سانگھڙ جي شهر چودڳي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، درياھ تي ڌاڙي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف چودڳي کان ڳوٺ محمد کوسو تائين محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ضلعي صدر زبير ماڪوڙاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، محمود رخشاڻي، لال خان شر، حضور بخش ڏاھري، رئوف باگراڻي، عامر سنڌي، ابراھيم بگٽي، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، ايڊووڪيٽ امداد چنا، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون،نصرت خاصخيلي، زاھدہ ڏاھري، بختاور کوسو، ماروي کوسو، ھيمي ڀيل، بختاور چنڊ سميت سنڌياڻي تحريڪ جون ڪارڪن سميت ھزارين ماڻھو شريڪ ھئا. شهدادپور، مقصودو رند، چودڳي ۽ ڳوٺ محمد کوسو پھچڻ تي اياز لطيف پليجي جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو. ڳوٺ محمد کوسو ۾ محبت سنڌ ۽ ڪامريڊ علي مردان کوسو جي ورسي جو جلسہ عام ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني، معاشي شھہ رڳ ۽ دل آهي. اردو ڳالھائيندڙ اسان جا پنهنجا آهن، پر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي سازش کي هو بہ ڪڏهن قبول نہ ڪندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايوب خان جي دور ۾ ون يونٽ ٺاهي سنڌ جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، جيڪا سنڌ جي عوام ناڪام بڻائي هئي. هاڻي ساڳي سازش کي "انتظامي يونٽ" جو نئون نالو ڏئي سنڌ ۾ ون يونٽ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ علي مردان کوسو سنڌ جو سچو سپاهي ھو، علي مردان کوسو سانگھڙ سميت سنڌ کي مظلوم عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ ساھ جي آخري هڏڪي تائين وڙھندو رھيو. علي مردان قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ھو، درياھ، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، ڪرپشن، دھشتگردي سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي ثابت قدم رھيو. سنڌ کي علي مردان کوسو جھڙن سياسي سپاھين جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اڄ ڪلھ گهڻا ماڻهو انتظامي يونٽن جي حمايت ۾ لٿل آهن، انتظامي يونٽن جو مقصد بہ سنڌ کي ورهائڻ آهي، 8 ڪروڙ سنڌين جا روڊن تان لاش کڻجو باقي سنڌ کي ورهائڻ ڪو نہ ڏيندا. اوھان پھرين بہ بنگالين سان بي انتھا ظلم ڪري ان جا نتيجا ڀوڳيا ھئا، ھاڻ وري نئين مھم جوئي ڪندا تہ ان جا نتيجا بہ اھڙائي ٿي سگھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ خطري ۾ آهي ۽ سڄو پاڪستان خطري ۾ آهي، بدنصيبي آهي جو پاڪستان جا حڪمران ھميشہ ڪبوتر وانگر واريءَ ۾ منھن وجھيو پوءِ سمجھندا آھن تہ اسين جيئن ٻئي ڪنهن کي نٿا ڏسون تيئن ٻيا بہ اسان کي ڪون پيا ڏسن. اٺ پکي بہ ائين ڪندو آهي واريءَ ۾ منهن وجهي پوءِ سمجھندو آھي تہ آئون ڪنهن کي ڪون پيو ڏسان تيئن مون کي بہ ڪير نٿو ڏسي. ڪوھاٽ ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، درجنين ماڻهو شھيد ٿي ويا آھن، اھي اسان جا ڀائر ھئا، جيڪڏهن پاڻ ملڪ ۾ امن امان، جمھوريت، برابريءَ ۽ انصاف تي توجھ ڏيون تہ اھي واقعا گھٽائي سگھجن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي حڪمرانن ۽ بااختيار طاقتور ڌرين جي توجھ آهي تہ ٻين کي ڪيئن ڦريون ۽ لٽيون. ھڪڙي پاسي بلوچستان ۾ حالتون خراب آھن، ٻئي پاسي خيبر پختونخوا ۾ حالتون خراب آھن، ٽئي پاسي آزاد ڪشمير ۾ حالتون خراب آھن باقي رھيو ڇا آھي؟ سنڌ کي بہ ديوار سان لڳايو ٿا، معني ھڪڙو اھڙو صوبو اھڙو زمين جو ٽڪرو آهي ھن ملڪ ۾ جتي ماڻهو پرامن آھن، انهن کي بہ لٺيون هڻي انھن کي ديوار سان لڳائي، انھن جي ڳچيءَ ۾، انھن جي گھرن ۾، انھن جي مال ملڪيت ۾ ھٿ وجھڻ چاھيو ٿا تہ اھي بہ رستن تي نڪري اچن؟ اھو توهان پاڪستان جا خيرخواه آھيو يا پاڪستان جا دشمن آھيو؟ اياز لطيف پليجي چيو ته عالمي سامراجي طاقتون نئون اسرائيل بنائڻ لاءِ سنڌ کي ٽوڙڻ چاھين ٿيون. سنڌ دشمن قوتن کي واضح ڪرڻ ٿو چاهيان تہ سنڌ صوبو نہ پر 8 ڪروڙ سنڌين جو وطن آھي. سنڌ وحدت آھي. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي. جيستائين ھڪ بہ سنڌي زندھ آھي سنڌ ٽوڙڻ نہ ڏينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ نئون صوبو ۽ انتظامي يونٽ نہ، وسيلا ۽ انصاف گهرجن. نئون نقشو نہ، امن ۽ برابري تي ٻڌل نظام گهرجي. سنڌ کي تقسيم نہ، روزگار، تعليم ۽ پاڻي گهرجي. خراب حڪمراني جو حل صوبن جي تقسيم ۾ ڳولڻ بجاءِ اصل بيماري ۽ ڦرلٽ کي ختم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي ماڻھن ٻڌائي ڇڏيو آھي تہ سنڌ کي ورھائڻ نہ ڏينداسين. حڪمران ملڪ خلاف سازشون بند ڪن. سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف خاموش نہ ويهنداسين. ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي پرامن ماڻهو آهن، اسان پاڪستان جي آئين ۽ قانون تي يقين رکون ٿا، جيڪڏهن سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو تہ اٺ ڪروڙ سنڌي مزاحمت ڪندا. اياز لطيف پليجي سڄي سنڌ کي ڪرپٽ حڪمرانن وسڪين ، ٺرن ، شرابن ، آئيسن ، چرسن ۽ آفيمن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. نوجوانن کي منشيات ذريعي تباھ ڪيو پيو وڃي.هيءَ منشيات جي باھ جيڪا توهان ٻين جي گهرن ۾ لڳائي رهيا آهيو، حڪمرانو ياد رکو تہ اها باھ گهمندي ڦرندي آخرڪار توهان جي پنهنجي گهرن تائين بہ پهچڻي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جلالپور ڪئنال سميت سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڊيم يا ڪئنال قبول ناھي. وفاقي حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي. وسيلن جي ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ھٿرادو پاڻي کوٽ، زرعي تباهي ۽ مھانگائي سبب سنڌ ۾ بک، بيروزگاري ۽ غربت وڌي وئي آھي. گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ آھي. ماڻھو پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو سوال بہ نوجوانن ۽ حڪمرانن اڳيان رکيو تہ آخر اهڙو ڇو ٿو ٿئي جو ماڻهو ٻين هنڌن تي امتحان پاس ڪن ٿا، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اچي ناڪام ٿي وڃن ٿا؟ آخر سنڌ جي نوجوان سان اهو سوال بار بار ڇو پيدا ٿئي ٿو؟ آخر اهو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو؟ ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زينت سمون، بختاور کوسو، محمود رخشاڻي، زبير ماڪوڙاڻي، صدام کوسو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ