جمعرات، 24 ستمبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد: مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ رڪشا هلائڻ تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل

سنڌي خبرون 11th Jul 2025 358 مناظر
حيدرآباد: مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ رڪشا هلائڻ تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل

22ورهين جي ميهر عرف جوتي ۽ سندس ڀاءُ 18ورهين جي حسنين ۾ رڪشا هلائڻ تان جهيڙو ٿيو: پوليس

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي مڪي شاھ ٿاڻي جي حد ۾ رڪشا هلائڻ جي معاملي تان ٻن ڀائرن ۾ ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. واقعو مڪي شاھ جي علائقي جي مين روڊ تي پيش آيو. پوليس موجب خاصخيلي پاڙي ۾ رهندڙ 22 سالن جي ميهر عرف جوتي جو پنهنجي ننڍي ڀاء 18 سالن جي حسنين سان رڪشا هلائڻ جي معاملي تان جهيڙو ٿيو. جهيڙي دوران حسنين پنهنجي ڀاء ميهر عرف جوتي کي سر هنئي جنهن تي ميهر عرف جوتي ننڍي ڀاء کي سيني ۾ ڇري هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. پوليس پوسٽ ماٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. واقعي جو ڪيس پي برڪت علي جي فرياد تي پٽ ميهر علي خلاف داخل ڪيو ويو، جوابدار ڇري سميت فرار ٿي ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ