جمعرات، 26 نومبر 2026
بریکنگ

سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين، سنڌ جا غيرتمند پٽ پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندا: ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌي خبرون 26th Nov 2026 12 مناظر
سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين، سنڌ جا غيرتمند پٽ پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندا: ڊاڪٽر قادر مگسي

ڊاڪٽر قادر مگسي جي ملير بار ڪائونسل آمد، 29 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”سنڌ منهنجي امان“ ريلي ۾ شرڪت جي دعوت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ملير بار ڪائونسل جو دورو ڪري وڪيلن کي 29 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ”سنڌ منهنجي امان“ ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 29 نومبر تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لکين ڌرتي ڌڻي پنهنجي مادر وطن جي تحفظ لاءِ گڏ ٿي سنڌ دشمن قوتن کي واضح پيغام ڏيندا ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ سنڌ جا غيرتمند پٽ پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏيندا هن چيو ته اسان پاڪستان جا پرامن شهري آهيون ۽ سنڌ پاڪستان جي خالق آهي. ملڪ دشمن قوتن ماضي ۾ به قومن جي وجود کان انڪار ڪندي ون يونٽ مڙهيو هو، پر سنڌ جي عوام جدوجهد ڪري ان کي دفن ڪري ڇڏيو. پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 1947ع ۾ وجود ۾ آيو، پر سنڌ اسان کي الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل ڌرتي آهي، جيڪا صدين کان اسان جي سڃاڻپ ۽ وجود جو حصو رهي آهي ۽ هميشه هڪ رهندي ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته حڪمرانن غلط رستي جي چونڊ ڪئي آهي، جنهن جا نتيجا انتهائي خوفناڪ نڪري سگهن ٿا. حڪمرانن کي اسان جي ڳالهه ٻڌڻي ۽ مڃڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي هن چيو ته جڏهن اسان ڪراچي اچڻ جو اعلان ڪيو ته ان جو مقصد ڪراچي کي فتح ڪرڻ هرگز نه هو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سنڌ جو شهر ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا اسان ڪراچي کي دهشتگردن جي حوالي ڪرڻ ڏينداسين؟ اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته پنهنجي وطن تي ڪنهن به دهشتگرد ٽولي جو قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته 29 نومبر واري ريلي سنڌ جي وحدت، بقا، قومي سڃاڻپ ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار هوندي، جنهن ۾ سنڌ جا لکين ماڻهو شرڪت ڪري پنهنجي مادر وطن سان وفاداريءَ جو عملي ثبوت ڏينداان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جا سينيئر وائيس چيئرمين ڄام فتاح سميجو، وائيس چيئرمين نثار ڪيريو، حميد ميمڻ، حيدر ملاح، ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ اعجاز سامٽيو، رشيد سدايو، ادريس چانڊيو، فرحان عباسي، مظھر ميمڻ، ايڊووڪيٽ ماجد گبول ۽ جاويد دستي پڻ موجود هئا تقريب کي ملير بار ڪائونسل جي صدر ارشاد شر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ